سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 17 ڄڻا فوت، هڪ هزار 98 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا 6458 ٽيسٽ ڪرائڻ سان 1098 مثبت ڪيس ظاهر ٿيا آهن جڏهن ته 17 وڌيڪ مريض فوت ٿي ويا جنهن کانپوءِ صوبي ۾ نون ڪيسن جو انگ 75168 ٿي چڪو آهي جڏهن ته فوتگين جو انگ 1178 تائين پهچي چڪو آهي. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌائي. مراد علي شاهه چيو ته 6458 ٽيسٽن جي نتيجي ۾ 1098 مثبت ڪيسن جي تشخيص ٿي جن جو نتيجو 17 سيڪڙو رهيو. هن چيو ته هيستائين 409145 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جن مان سڄي سنڌ ۾ 75168 ڪيسن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي. هن وڌيڪ چيو ته تصديق ٿيل مريضن جو مجموعي انگ 18.3 سيڪڙو  تائين پهچي چڪو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪورونا وائرس سان وڙهندي 17 وڌيڪ مريض فوت ٿيا. هن چيو ته ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 1178 آهي جيڪو 15 سيڪڙو ٻڌايو وڃي ٿو. مراد علي شاهه موجب  هن وقت 33131 مريضن جو علاج جاري آهي جن مان 31665 گهر ۾، 78 قرنطينه سينٽرن ۽ 1388 مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. هن وقت 641 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جڏهن ته 99 مريضن کي وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته 1267 مريض گذريل 24 ڪلاڪن ۾ چڱا ڀلا ٿي ڪري عام زندگي گذاري رهيا آهن. هينئر تائين صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 40740 تائين پهچي چڪو آهي جيڪو 54 سيڪڙو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 1098 نون ڪيسن مان 494 ڪراچي جا آهن  جن ۾ ضلع ڏکڻ 208 ، ضلع اوڀر 141 ، ضلع مرڪز 48 ، ضلع ملير 44 ، ضلع ڪورنگي 32 ۽ ضلع اولهه جا 21 شامل آهن. جڏهن ته ٻين ضلعن ۾ گهوٽڪي 33، سکر 15، شڪارپور 8، سانگهڙ 6، عمرڪوٽ ۽ دادو 5-5 ، لاڙڪاڻو ۽ ميرپور خاص 4-4، ڄامشورو ۽ بدين 2-2، ٺٽو ۽ سجاول ۾ 1-1 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڀريو ته ايس او پيز جي حوالي سان احتياط ۽ ذميواري کان ڪم وٺن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *