سنڌ ۾ ڪورونا جا 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 50 ڪيس رپورٽ، 2 متاثر فوت ٿي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر):سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه روزاني بنياد تي ڪورونا وائرس بابت عوام کي ڄاڻ ڏيندي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ ٻڌايو آهي ته ڪورونا وائرس جا گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 50 مريض سامهون آيا آهن ۽ اڄ ڪورونا خلاف جنگ ۾ 2 ماڻهو پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا جڏهن ته ان وبا سبب هيل تائين 20 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. هن ٻڌايو ته اسان گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 758 ٽيسٽ ڪيا آهن ۽ هيل تائين ٿيندڙ ٽيسٽن جو انگ 10981 ٿي ويو آهي جڏهن ته 50 نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ سنڌ ۾ ڪيسن جو ٽوٽل انگ 1036 ٿي ويو آهي. مراد علي شاهه چيو ته 382 مريض گهرن ۾ آئيسوليشن ۾ آهن ۽ 97 مريض ٻين مختلف آئسوليشن سينٽرن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان ٽيسٽ ڪرڻ جي صلاحيت کي وڌائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون. مراد علي شاهه لاڳاپيل عملدارن کي لاڪ ڊائون وڌيڪ سخت ڪرڻ جي هدايت ڏيندي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اوهان حتياط ڪريو، جيڪڏهن اسان پنهنجي مدد  پاڻ نه ٿا ڪري سگهون ته اسان جي مدد به ڪوبه نه ايندو.شب برائت جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وڏي وزير ان برڪت ڀري مهيني جي رات کي مغرفت ۽ رحمت جو ذريعو ٻڌائيندي چيو آهي ته رب العزت اسان جي ڌرتي کي آباد  رکي ۽ مصيبتن کان نجات ڏي. عوام کي گذارش ڪريان ٿو ته شب برائت تي پنهنجن گهرن ۾ رهندي بزرگ ملڪ ۽ قوم لاءِ دعائون ڪن. هن چيو ته اڄ رات پنهنجن پيارن جيڪي هن فاني دنيا کان لڏي حقيقي مالڪ سان وڃي مليا آهن انهن جي مغرفت لاءِ گهرن ۾ ويهي دعائون ڪريون ۽ اسان سماجي فاصلن کي اختيار ڪندي ئي ڪورونا  وائرس کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهون ٿا. هن الله پاڪ کان دعا ڪئي آهي ته اسان کي نيڪ اعمال ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري. پنهنجي پيغام جي آخر ۾ هن عالم سڳورن کي درخواست پڻ ڪئي آهي ته اهي ٽي وي چينلن جي ذريعي شب برائت جي فضيلت تي ڳالهائين. هن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ڳالهه تي زور ڀريندي چيو ته عوام کي گذارش آهي ته سماجي دوري اختيار ڪن ۽ گهرن ۾ رهن.  هوڏانهن سنڌ سرڪار سمورين اسپتالن ۾ اوپي ڊيز کولڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، سمورن ايم ايسز کي او پي ڊي کولڻ جي هدايت، صوبائي وزير ڊاڪٽر عذره پيچوهو جي صدارت هيٺ سڄي سنڌ جي سمورن اسپتالن جي ايم ايسز سان وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ ڪورونا جي مريضن لاءِ الڳ وارڊز ۽ عملي کي مختص ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. عذره پيچوهو چيو ته ڪورونا جو علاج ڪندڙن ڊاڪٽرز، نرسز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي ڪورونا هيلٿ سيفٽي جي حوالي سان آن لائين ٽريننگ ڏني ويندي، سموري اسپتالن ۾ ايمرجنسي روم، آئسوليشن وارڊز ۽ آءِ سي يو ۾ ڪم ڪندڙ عملي کي پي پي ايِ جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، آئسوليشن اسٽاف جو عملو 6-6 ڪلاڪ ڪم ڪندو ۽ کين رهائش لاءِ الڳ جاءِ مهيا ڪئي ويندي، هر ايم ايس جي ذميواري هوندي ته هو ڪورونا سيفٽي جي سلسلي ۾ ايس او پي کي برقرار رکي ۽ ان سلسلي ۾ هر هفتي رپورٽ به پيش ڪئي وڃي. جيڪڏهن اسپتال عملي ۾ ڪير وائرس سبب متاثر ٿئي ٿو ته اُن کي اسپتال جي آئسوليشن ۾ علاج هيٺ رکيو وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *