سنڌ ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد لاءِ نئون نوٽيفڪيشن جاري، صوبي ۾ لاڳو پابندين ۾ 16 مئي تائين واڌ

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ حڪومت ڀلاري مهيني رمضان ۾ مسجدن، امام بارگاهن، بازارن، آفيسن ۽ تقريبن لاءِ نوان ايس او پيز جاري ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته شادي جي سمورين تقريبن تي هڪ مهيني لاءِ مڪمل پابندي وڌي ويئي آهي تفصيل موجب سنڌ جي گهرو کاتي رمضان شريف دوان مسجدن لاءِ نوان ايس او پيز جاري ڪري ڇڏيا نيشنل ڪمانڊ اينڊ اپريشن سينٽر جي فيصلي تحت سنڌ جي گهرو کاتي پنهنجو حڪم نامو جاري ڪيو آهي حڪم نامي ۾ مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ عبادت دوران سماجي وٿي برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي ويئي آهي نمازين وچ ۾ 6 فوٽ جي وٿي لازمي هئڻ گهرجي حڪم نامي ۾ چيو ويو ته رمضان شريف ۾ عبادتن دوران مذهبي هنڌن تي ماسڪ لازمي استعمال ٿيندو بخار ۽ کنگ جون نشانيون ظاهر ٿيڻ تي مسجدن ۽ امام بارگهن تي وڃڻ تي پابندي هوندي گهرو کاتي مطابق 50 ورهين جو شهري مسجد اچڻ کان پاسو ڪري، تراويح ۽ نماز کان پوءِ مسجدن ۾ پيهه يا گڏ ٿيڻ تي پابندي هوندي نمازي جيڪڏهن چاهي ته گهر مان جاءِ نماز آڻي سگهي ٿو، نماز مسجدن ۽ امام بارگاهن جي سحن يا کليل هنڌ تي پڙهائي ويندي مسجدن ۽ ماما بارگاهن جي سحن کي روزانو ڊس انفيڪٽ ڪيوويندو مسجدن ۽ امام بارگاهن جي انتظاميه ايس او پيز تي عمل لاءِ پنهنجون ڪميٽيون جوڙي موجوده صورتحال ۾ اعتقاف به گهرن ۾ ڪيو وڃي، سحر ۽ افطار جا ميڙاڪا به مسجدن ۽ امام بارگاهن تي ڪرڻ تي پابندي هوندي ٻئي پاسي مارڪيتس ۽ بازارن ۾ واپاري سرگرميون صبح 9 کان شام 8 وڳي تائين ٿينديون جمعو ۽ آچر تي سيف ڊيز جي طور ڪاروباري سرگرميون معطل رهنديون، ريسٽورنٽ ۾ انڊور سروس جي اجازت نه هوندي آئوٽ ڊور سروس رات 10 وڳي تائين ٿيندي رمضان ۾ تفريحي پارڪ، سئنيما ۽ مزارون مڪمل طور تي بند رهنديون شادي جي ان ڊور ۽ آئوٽ ڊور تقريبن تي پابندي هوندي سماجي سياسي، ثقافتي تقريبن، راندين، ميوزيڪل ۽ مذهبي ميڙاڪن تي مڪمل پابندي هوندي سرڪاري ۽ خانگي آفيسن ۾ روٽيشن پاليسي تحت اسٽاف جي 50 سيڪڙو حاضري تي عمل ٿيندو. نئين ايس او پيز تي ايندڙ مهيني 16 مئي تائين عمل ٿيندو گهروکاتي ضلعي انتظاميه کي تيار ڪيل طريقيڪار تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي گهرو کاتي صوبي جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرز ۽ آءِ جيز کي به حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن کاتي پاران چيو ويو ته عالمن سڳورن سان گڏجي مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ رمصان دوران ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *