سنڌ ۾ پ پ مرضي موجب تڪبنديون ڪيون، شهري ۽ ٻهراڙي جي علائقن کي پنهنجي سهولت لاءِ گڏايو ويو: ارباب رحيم

ميرپورخاص (اي پي پي) سنڌ ۾ پيپلزپارٽي وارن مرضي موجب تڪ بنديون ڪري شهري علائقن کي ٻهراڙين ۽ ٻهراڙين کي شهر ۾ شامل ڪيو هو جنهن کي هاءِ ڪورٽ ڪالعدم قرار ڏنو ته هاڻي وري اهي اپيلون پيا داخل ڪن. . اهڙو اظهار مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم ميرپورخاص لڳ اي ڊي لاکو جي ڳوٺ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ ۾ هينئر اڳ جي ڀيٽ ۾ ايپيڪس ڪميٽي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي نوٽيس وٺڻ ڪري ڪجهھ قدر سٺا پوليس ۽ ضلعي آفيسر مقرر ٿيل آهن پر اڃا به اصلاح ٿيڻ گھرجي. هن چيو ته مڪاني چونڊن ۾ پ پ مخالف قوتن مسلم ليگ (ن)، مسلم ليگ (ف)، تحريڪ انصاف، ايس يو پي، قومي عوامي تحريڪ ۽ ٻين سان گڏ جي مقابلو ڪيو ويندو . هن چيو ته روينيو جا مقرر ڪيل ڪجھه آر او بهتر آهن پر تعليم کاتي ۽ سوشل ويلفيئر کاتي ۽ ٻين کاتن جا مقرر ڪيل آر اوز اڃا پ پ حڪومت جي ونگار ۾ وهندي نظر اچن ٿا. ارباب غلام رحيم چيو ته آئون وڏو وزير هئس ته مون تي ڪير 800 يا 8 رپيا به ثابت ڪري ڏيکاري. هن چيو ته مون ته ڪرپشن جا الزام ۾ پنهنجي ڪابينه جي هڪ وزير کي به برطرف ڪيو هو جنهن تي وڏو دٻاءُ آيو پر مون اسٽينڊ ورتو ۽ هينئر پ پ وارا ڪرپٽ وزيرن کي بچائڻ ۾ جتن ۾ پيا ڪن. هن چيو ته آصف زرداري دبئي ۾ ويهي ميان محمد نواز شريف جي زرعي پاليسين تي تنقيد پيو ڪري پر پاڻ ٻڌائي ته سنڌ ۾ ڪمند جي آبادگارن توڙي وونئڻن ۽ ڪڻڪ جي آبادگارن کي اگھه نه ڏيئي تباھ ڪنهن ڪيو. ارباب رحيم چيو ته بدقسمتي ۽ معذرت سان چوان ٿو ته سنڌ جي عوام ۾ شعور نه آهي، هو خدمت ۽ ڪم کي ڏسڻ بداران ٽڪي پسئي جي نوڪري کي ڏسي جيئي جيئي ۽ هو جمالو ڪندڙن جي پويان لڳي وڃن ٿا ان لاءِ پهرين سنڌ ۾ سجاڳي ۽ شعور پيدا ڪرڻو پوندو . هڪ سوال تي هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي هاڻي اڳ وارا معامرا ڇڏي قومي سياست ۾ سنجيدگي سان پير رکڻ گھرجي. اها هاڻي دهشت گردي ڀته خوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جھڙن ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي پاڻ کان ڌار ڪري. ارباب رحيم چيو ته مڪاني چونڊون شفاق ٿيڻ ۽ ووٽرن کي آزاد ڇڏي تحفظ ڏنو وڃي ته پوءِ گھڻي تبديلي نظر ايندي ۽ تبديلي شروع ٿي چڪي آهي. ان موقعي تي ن ليگ جو اي ڊي لاکو ، فنڪشنل ليگ جو جاويد جوڻيجو ، مبارڪ مهر ، ايس يو پي جو مسعود وساڻ ۽ زاهد نون ساڻس گڏ هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *