سنڌ ۾ پ پ جي سوڀ، ذوالفقار مرزا، جلال شاهه، پليجو ۽ مگسي هارائي ويا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي ٻئي نمبر وڏي صوبي سنڌ ۾ صوبائي اسمبلي جي 130 سيٽن تي سڌو سنئون چونڊون ٿيڻو هيون جڏهن ته 129 سيٽن تي پولنگ ٿي، سنڌ اسمبلي جي تڪ پي ايس 6 ڪشمور  تان پاڪستان پيپلز پارٽي جو مير شبير بجاراڻي اليڪشن کان اڳ ئي بنامقابلي چونڊجي چڪو آهي. سنڌ اسمبلي لاءِ 2 هزار 382 اميدوار ميدان تي لٿل هئا جن مان ڪجهه غير سرڪار ۽ غيرحتمي نتيجا هيٺ ڏيجن ٿا.سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 80 تي سنڌ جي اڳواڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. سيد مراد علي شاهه 42 هزار 442 ووٽ حاصل ڪري سيد جلال محمود شاهه کي شڪست ڏني.ايس يوپي سربراهه سيد جلال محمود شاهه 17 هزار 499 ووٽ حاصل ڪيا .ٻئي طرف پي ايس 81 تي پ پ اميدوار  ۽ اڳوڻو صوبائي وزير گيانچد ايسراڻي 34 هزار 297 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو سندس مقابلي ۾ ڄامشورو اتحاد جو اڳواڻ ملڪ چنگيز خان 26 هزار 975 ووٽ حاصل ڪري سگهيو .ڄامشوري ضلعي جي تڪ پي ايس 82 تي پ پ اميدوار ملڪ اسد سڪندر 35 هزار 920 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي  ملڪ اسد سڪندر جي مقابلي ۾ ڊاڪٽر سڪندر شورو 32 هزار 400 ووٽ حاصل ڪيا . گهوٽڪي جي تڪ پي ايس 21 تي پ پ جي نامزد اميدوار علي نواز عرف راجا خان مهر ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي.گهوٽڪي  جي تڪ پي ايس 21  تي  پيپلزپارٽي جي اميدوار علي نواز عرف راجاخان مهر 32 هزار 195 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي .راجا خان مهر جي مقابلي ۾ ايم ايم اي جو اميدوار   سيف الله ڌاريجو 28 هزار 537 ووٽ کڻي شڪست کائي ويو آهي.نتيجا اچڻ بعد پ پ ڪارڪن پاران علي نواز مهر جي رهائشگاهه تي پهچي جمهيون هنيون ۽ جشن ملهايو .سکر ضلعي ۾ ٻن قومي ۽ چئن صوبائي تڪن تي پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي سرسي حاصل   آهي .غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب اين اي 206 تي پي پي جي اميدوار خورشيد احمد شاهه کي سرسي حاصل آهي هن  62 هزار 720ووٽ حاصل  ڪيا اهن جڏهن ته سندس مقابلي ۾ پي ٽي آءِ جي اميدوار طاهر شاهه 34 هزار 991 ووٽ حاصل ڪري سگهيو آهي .پي ايس 22 پني عاقل تي پ پ جي اميدوار اڪرام الله ڌاريجو 33 هزار 334 ووٽ حاصل ڪري ڪياميابي حاصل ڪئي آهي جڏهن ته علي گوهر مهر 26 هزار 136 ووٽ حاصل ڪري شڪست کاڌي آهي .اين اي 207 تي پ پ جي اميدوار نعمان اسلام شيخ کي سرسي حاصل آهي 330 پولنگ مان 135 پولنگ اسٽيشنز جا نتيجا اچي ويا آهن .غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب نعمان اسلام شيخ 32 هزر 218 ووٽ حاصل ڪيا آهن جڏهن ته پي ٽي آءِ جي اميدوار 32 هزار 222 ووٽ حاصل ڪيا آهن .پي ايس 25 تي پي پي جي ناصر حسين شاھ ه کي سرسي حاصل آھي 173پولنگن مان 45 پولنگن جي نتيجن موجبپ پ اميدوار   28023 ووٽ کڻي اڳتي آھي جڏھن ته آزاد اميدوار مير مھر 3507ووٽ کڻي سگھيو آھيپي ايس 24 تي پي پي جي فرخ شاھ 157 پولنگن مان 75 پولنگ اسٽيشنز تي 3 هزار 222 ووٽ حاصل ڪيا آهن .پي ايس 23 تي پي پي جي اويس شاھ 131 پولنگن مان 82 پولنگن تي 32 هزار 426 ووٽ حاصل ڪيا آهن جڏهن ته جي ڊي اجي اميدوار محمد علي شيخ ٻه هزار 310 ووٽ حاصل ڪري سگهيو آهي .ڄامشوري ضلعي جي تڪ اين اي 233 تي پ پ اميدوار سڪندر علي راهوجو ايس يو پي جي اميدوار سيد جلال محمود شاهه کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي.قومي اسيمبلي جي تڪ اين 233 تي جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پ پ اميدوار سڪندر علي راهپوٽو 87 هزار  8سئو 60 ووٽ کڻي ڪاميبابي ماڻي سڪندر راهپوٽي جي مقابلي ۾ سيد جلال محمود شاهه 42 هزار 630 ووٽ حاصل ڪيا ياد رهي ته سڪندر علي راهپوٽو اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو ويجهو ساٿي آهي ۽ سيوهڻ جو تعلقه ناظم به رهي چڪو آهي .بدين ضلعي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڊي اي جا تڏا ويڙهائي ڇڏيا ، پ پ لڳ ڀڳ سمورين سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي ،  رڳو هڪ تڪ تي جي ڊي اي جي اميدوار ڪاميابي حاصل ڪئي.ضلعي جي ٻن قومي ۽ پنج صوبائي سيٽن تي پيپلز پارٽي  ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي .جڏهن ته  ھڪ تڪ پي ايس 72 تي حسنين مرزا ڪاميابي ماڻي.پيپلز پارٽي ٻن قومي اسيمبلي جي  تڪن اين اي 229 تي پيپلز پارٽي جي اميدوار مير غلام علي ٽالپر 96430.  وو ٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏھن ته جي ڊي اي جي اميد وار حسام مرزا 81100 .ووٽ حاصل ڪيا. پي ايس 70 ماتلي تي پيپلز پارٽي جي اميد وار بشير ھاليپوٽو 42250 .ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏھن ته جي ڊي اي جي اميد وار رياض نظاماڻي 21454. ووٽ کنيا. پي ايس 71 تلھار تي پيپلز پارٽي جي اميد وار مير الھبخش ٽالپور 37745 .ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جي ڊي اي مير عبدالله ٽالپور 30187. ووٽ حاصل ڪيا. پي ايس 72 ٽنڊو باگو تي جي ڊي اي جي اميد وار حسنين مرزا 43111.  وو ٽ حاصل ڪري  ڪاميابي ماڻي  سندس مقابلي ۾  پيپلز پارٽي جي اميد وار سيد علي بخش عرف پپو شاھ  35588. ووٽ حاصل ڪيا. پي ايس 73 بدين تي پيپلز پارٽي جي اميد وار حاجي تاج محمد ملاح 40530. ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جي ڊي اي جي اميد وار ڊاڪٽر فھميده مرزا 38091.ووٽ  حاصل ڪيا . پي ايس 74 گولاڙچي تي پيپلز پارٽي جي اميد وار اسماعيل راھو 43145. ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جي ڊي اي جي اميد وار ڊاڪٽر ذوا لفقار مرزا 28995.ووٽ کنيا. ٽنڊي آدم جي  پي ايس 44 تي پ پ اميدوار فدا ڏيرو ڪياميابي حاصل ڪري ورتي ٽنڊو آدم جي تڪ  پي ايس 44  تي پ پ اميدوار فراز ڏيرو 54هزر 119 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪري جي ڊي اي جي اميدوار نياز حسين مري کي شڪست ڏني .جي ڊي اي جي اميدوار نياز حسين مري 13 هزار  704 ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو . ٻئي طرف پي ايس 45 تي شهداد پور تي غير سرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجن موجب شاهد ٿهيم ڪاميابي حاصل ڪري ورتي .پي ايس 45 تي پ پ اميدوار شاهد ٿهيم 43 هزار 970 ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي ورتي.جڏهن ته جي ڊي اي جي اميدوار محمد بخش خاصخيلي 38 هزار 142 ووٽ حاصل ڪيا . ڏهرڪي ميرپور ماٿيلي جي تڪ پي ايس 19 تي پ پ جي نامزد اميدوار باري پتافي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي جڏهن ته اين اي 204 تي خالد احمد لنڊ فتح ماڻي ورتي آهي.پي ايس 19 تي  باري پتافي جي ڊي اي جي اميدوار علي گوهر مهر کي شڪست ڏني آهي.گهوٽڪي  ضلعي جي تڪ اين 204 تي پ پ جي اميدوار  خالد احمد لنڊ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي خالد احمد لنڊ  جي ڊي اي جي اميدوار  ميان عبدالحق عرف ميان مٺو کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.ٽندي آدم ۽ سانگهڙ تي ٻڌل تڪ اين 216 تي پ پ اميدوار شازيه عطا مري ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته جي ڊي اي جي ڪشنچند پارواڻي کي شڪست نصيب ٿي.اين اي 216 تي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن  موجب پ پ جي شازيه عطامري 82 هزار 660 ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي حاصل ڪري ورتي .ڪشنچند پارواڻي کي  شڪست ملي جنهن 70 هزار 120 ووٽ حاصل ڪيا .سانگهڙ ضلعي جي تڪ اين اي 217 تي پ پ اميدوار روشن دين جوڻيجو ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي.سانگهڙ ضلعي جي تڪ اين اي 217روشن دين جوڻيجو 98 هزار 89 ووٽ حاصل ڪري شاندار ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي.سانگهڙ جي تڪ اين اي 217 تي جي ڊي اي جي اميداور ماهي خان وساڻ 55 هزار 645 ووٽ حاصل ڪيا . عام چونڊن جا نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ تازي نتيجي موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ڪراچي جي علائقي لياري مان اپ سيٽ شڪست ملي آهي. هيل تائين غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب تحريڪ انصاف کي قومي اسيمبلي جي 119، جڏهن ته ن ليگ کي 63 سيٽن تي سرسي حاصل آهي. پ پ کي قومي اسيمبلي جي 40، متحدا مجلس عمل کي 12 ۽ آزاد اميدوارن کي 15 سيٽن تي سرسي حاصل آهي. اين اي 246 ڪراچي ۾ بلاول ڀٽو کي اپ سيٽ شڪست ملي آهي. ڪراچي جي علائقي پ پ جي ڳڙهه لياري ۾ تحريڪ انصاف جو شڪور شاد 52750 ووٽ کڻي ڪامياب رهيو آهي، جڏهن ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو احمد 42345 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري رڳو 39325 ووٽ کٽي ٽئين نمبر تي رهيو آهي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *