سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جمهوريت کي قتل ڪري ڇڏيو ، اڄ جمهوريت جو ٽيجهو آهيۡ: حليم عادل شيخ

ڪراچي(پ.ر) سنڌ اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ سنڌ حڪومت جي ڪرپشن تي چارج شيٽ ميڊيا آڏو پيش ڪندي اپوزيشن ليڊر جي آفيس ۾ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ ۾ 13 سالن ۾ 1400 ارب کان مٿي ريڪارڊ ڪرپشن ڪئي ويئي آهي جنهن جي ڪري سنڌ جي عوام بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي. سنڌ حڪومت اپوزيشن ليڊر سميت اپوزيشن پارٽين جي پارليماني ليڊر کان بجٽ اجلاس ۾ تقرير جي اجازت نه ڏيڻ تي واضح ٿي ويو آهي ته سنڌ حڪومت خوفزده آهي کين خوف آهي ته ڪرپشن ظاهر ٿي پوندي. بينظير چارٽر آف ڊيموڪريسي تي صحيحون ڪيون هيون ٽي ڏينهن اڳ سنڌ اسمبلي ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اپوزيشن ليڊر جي تقرير روکي جمهوريت کي قتل ڪيو هو اڄ ان جو ٽيجهو ٿي رهيو آهي حليم عادل شيخ سنڌ ۾ نئون بجٽ عوام دشمن هو جنهن ۾ رڳو انگ اکرن جي راند کيڏي ويئي هئي 1477 ارب جي بجٽ ۾ ترقياتي بجٽ ۾ صرف 23 سيڪڙو پئسا رکيا ويا آهن هلندڙ سال ۾ مڪمل نه ٿيندڙ اسڪيم جي بجاءِ نيون اسڪيمون رکيو ويو آهن. حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ حڪومت شهري علائقن کي ترقياتي فنڊ ۾ حصو نه ڏيڻ جي برابر رکيو آهي. اسان سنڌ جي مختلف کاتن، صحت، تعليم، روينيو، انفارميشن، ايڪسائز، زڪوات اينڊ عشر، اوقات، رورل ڊويلپمنٽ، ايريگيشن، ايگريڪچر، فوڊ، خزانو، سميت سمورن ادارن جي ڪرپشن تي رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي جنهن کي جلد عدالتن ۾ پيش ڪيو ويندو. حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ ۾ آئين جي مسلسل خلاف ورزي ڪري رهي آهي. عوام کي بنياد حقن کان محروم رکي سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت ڪرپشن ڪئي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *