سنڌ ۾ پهرين ٽيڪنيڪل يونيورسٽي کي قائم ڪرڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام (بي بي ايس واءِ ڊي پي) کي هدايت ڪئي آهي ته نرسنگ، پيرا ميڊڪس ۽ هوٽل مئنجمينٽ جي شعبن ۾ به تربيت جو اهتمام ڪيو وڃي ته جيئن اسان جا تربيت يافته نوجوان خاص طور تي نياڻيون نه رڳو صوبي ۾ بلڪه عرب ملڪن ۾ به روزگار جي موقعن مان فائدو حاصل ڪن. هن اها ڳالهه اڄ اڱاري ڏينهن وزير اعليٰ هائوس ۾ بي بي ايس واءِ ڊي پي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ چيئرمين ريٽائرڊ ايئرمارشل رياض الدين شيخ ۽ وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو، ناڻي وارو سيڪريٽري سهيل راجپوت ۽ بي بي واءِ ايس ڊي پي جي ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. سنڌ جي  وڏي وزير چيو ته سرڪاري ۽  خانگي اسپتالن ۾ نرسن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي شديد ضرورت آهي انڪري بي بي ايس واءِ ڊي پي کي گهرجي ته هو انهن شعبن ۾ تربيت جي شروعات ڪري. بي بي ايس واءِ ڊي پي کي هدايت ڪندي هن چيو ته عرب ملڪن ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ نرسن جي تمام گهٽي گهرج آهي ۽ اسان کي اهڙن موقعن مان فائدو وٺڻ گهرجي. وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي پروگرام جي چيئرمين چيو ته بي بي ايس واءِ ڊي پي 34 مختلف شعبن ۾ بشمول صحت واري شعبي ۾ اِي سي جِي ٽيڪنيشن، انيسٿيا، ايڪس ري ٽيڪنيشن، او ٽي ٽيڪنيشن، ليب ٽيڪنيشن جي ڪورسن ۾ نوجوانن کي تربيت فراهم ڪري رهي آهي پر نياڻيون وڌيڪ بيوٽيشن، اسٽيچنگ ۽ ڪمپيوٽر ڪورسز ۾ تربيت جون خواهشمند آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن سنڌ ۾ پهرين ٽيڪنيڪل يونيورسٽي کي قائم ڪرڻ لاءِ ڪم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي جنهن جي ڪاغڊي ڪارروائي تقريبن مڪمل ٿي چڪي آهي. ان تي وڏي وزير جي يونيورسٽيز ۽ بورڊ واري سيڪريٽري اقبال دراني وڏي وزير کي يونيورسٽي جي ڊرافٽ ۽ ٽريڊز بابت ٻڌائيندي چيو ته هنرمند نوجوان جيڪي پرڏيهه ملازمت جا خواهشمند آهن انهن کي سرٽيفڪيٽس جي ضرورت هوندي آهي، اها يونيورسٽي نوجوانن خاص طور تي نياڻين جي ان ضرورت جو احاطو ڪندي. پروگرام جي چيئرمين بي بي ايس واءِ ڊي پي جي ڪاميابين بابت ٻڌائيندي چيو ته مختلف شعبن ۾ 292000 نوجوانن کي ڪاميابيءَ سان تربيت ڏني وئي آهي. واضع رهي ته بي بي ايس واءِ ڊي پي کي 9-2008ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو جنهن جو مقصد غربت ۽ بيروزگاري جهڙن مسئلن کي قابو ڪرڻ ۽ بيروزگار نوجوانن کي مفت تربيت فراهم ڪرڻ هو. هن ٻڌايو ته تربيت پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت ڏني وئي. هن چيو ته ڪامياب تربيتي پروگرام کي ڏسندي عالمي بينڪ ايس ايس ڊي پي تحت تربيت لاءِ فنڊ فراهمي تي راضپو ڏيکاريو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هو جاچ ڪرڻ لاءِ ٽيمون موڪليندو جيڪي تربيتي مرڪزن جو دورو ڪنديون ۽ سرڪاري ۽ خانگي شعبن ۾ ڏني ويندڙ تربيت جو جائزو وٺنديون. هن چيو ته بهتر ۽ مناسب تربيت کي يقيني بڻايو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *