سنڌ ۾ پنجاب ۽ بلوچستان جو زهريلو پاڻي ايندو آهي ان ڪري زرعي زمين تباهه ٿي: مراد علي شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ 28 اپريل تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ سي سي آءِ اجلاس ۾ پن فيڊر ۽کير ٿر ڪينال ۾ پاڻي جي کوٽ سميت ٻيا معاملا اٿارڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سي ايم هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ اعليٰ تعليم، قومي غذائي تحفظ، ايل اين جي آڻڻ، ڇهين آدمشماري بلن جي پاليسي 2015 ۽ ڪراچي جي لاءِ 12 ڪيوسڪ پاڻي آڻڻ بابت تياري تي غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ پنجاب ۽ بلوچستان جو زهريلو پاڻي ايندو آهي جنهن ڪري گهوٽڪي جي هزارين ايڪڙ ذرعي زمين تباهه ٿي وئي آهي. وڏي وزير چيو ته سڌ جي 11 ضلعن ۾ گيس پيدا ٿيندي آهي، جتان جي 5 ڪلو ميٽر آس پاس رهندڙ ماڻهن کي گيس جي فراهمي بابت سي سي آءِ ۾ ڳالهائيو ويندو مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي کي 12 سئو ڪيوسڪ پاڻي ملڻ کپي، اسلام آباد ۽ راولپندي کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ان لاءِ رضامند ٿيا هئا ته ڪراچي کي 1200 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *