سنڌ ۾ پاڻي جو بحران سنگين  ٿي ويو، فصل سُڪي ويا، مظاھرا، ڌرڻا جاري

ڪراچي(م.د) سنڌ ۾ پاڻي جي سنگين بحران سبب ڪئنالز، شاخن ۽ واهن جا پيٽ سُڪي ويا، پاڻي نه ملڻ سبب فصل سُڪي ويا ۽ زرعي زمينون سُڪِي ٺـَوٺ ٿي ويون، راڻيپور، سن، نوشهروفيروز، سکر، ٽنڊو آدم، گُپچاڻي ۽ جوهي ۾ احتجاج، تنگواڻي، فيض گنج ۽ هڱورجا ۾ مظاهرا، دادو ۾ قلم ڌڻين جو زرعي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪيوويو،  مظاهرين چيو آهي ته هڪ پاسي پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي، ٻئي پاسي سنڌ ۾ آبپاشي عملدار پڇڙي جي آبادگارن جو پاڻي بااثر زميندارن کي وڪرو ڪن ٿا، شاخن ۽ واهن ۾ پاڻي جي شفاف ورڇ يقيني بڻائي معاشي قتلام بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيوويو آھي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *