سنڌ ۾ وڏي وزير جو ڪو به وجود نظر نه ٿو اچي:شهريار مهر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهريار مهر چيو آهي ته صوبي ۾ وڏي وزير جو ڪو به وجود نظر نه ٿو اچي، هــُو اپوزيشن ليڊر آهي پر کيس نه ٿو ٻڌايو وڃي ته ڪيترا وزير ۽ صلاحڪار ڪم ڪري رهيا آهن. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريار مهر چيو ته رات جي وقت ۾ نوٽيفيڪشن جاري ڪري وزير ۽ صلاحڪار مقرر ٿين ٿا ته ڪي هٽايا وڃن ٿا. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪيترن ئي مسئلن کي پاڻ پيدا ڪيو آهي، صوبي اندر زراعت کي تباهه ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته ڀاڻ جي قيمتن توڙي ڪمند جي آبادگارن کي اگهه نه ملڻ واري معاملي تي غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو ويو، هاڻي ڪڻڪ جي معاملي ۾ حڪومت ڪرپشن کي هٿي ڏئي رهي آهي. شهريار مهر چيو ته آبادگارن کي مڊل مين ذريعي تباهه ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته هڪ طرف قدرتي آفتون ته ٻئي طرف حڪومت کاتن کي تباهه ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *