سنڌ ۾ ننڍي چونڊن جا نتيجا سليڪٽڊ حڪومت جي خلاف ريفرنڊم آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سانگهڙ ۽ ملير ڪراچي مان پ پ جي فتح عوام جي فتح آهي سنڌ ۾ ننڍي چونڊن جا نتيجا سليڪٽڊ حڪومت جي خلاف ريفرنڊم آهي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽيوٽر تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته عوام ڌانڌلي کي رد ڪري ڇڏيو سياسي جادوگرن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، ننڍي چونڊ مان ظاهر ٿي ويو ته ملڪ ۾ صورتحال هاڻي عوام به سليڪٽڊ حڪومت جي خلاف آهي ننڍي چونڊ وانگر سينيٽ اليڪشن ۾ به هار سليڪٽڊ وزيراعظم جي منتظر آهي بلاول ڀتو زرداري چيو ته سليڪتڊ حڪمرانن کي ننڍي چوند ۾ شڪست ڏيڻ کان پوءِ عوام جو منهن هاڻي اسلام آباد هوندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *