سنڌ ۾ نئين سياسي اتحاد سان پ پ تي ڪو به فرق نه پوندو: ناصر شاهه

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اطلاعات واري وزير ناصر شاهه چيو آهي ته  سپريم ڪورٽ کي پاناما ليڪس ڪيس جو فيصلو جلد ٿيڻ گهرجي. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته پ پ هميشه جمهوريت جي ڳالهه ڪئي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته ميان صاحب عدليه سان ٽڪراءَ ۾ نه اچي. سندس چوڻ هو ته سورٺ ٿيٻو معزز ميمبر ۽ منهنجي ڀيڻ آهي. ناصر شاهه چيو ته سورٺ ٿيٻي کي ڪا تڪليف پهتي ته مان معافي وٺان ٿو. هن چيو ته پي ايس 114 جا نتيجا اسان جي مقبوليت جو ثبوت آهي. سندس چوڻ هو ته اسان جي پارٽي سنڌ ۾ اڳ کان به وڌيڪ مضبوط ٿي آهي. ناصر شاهه چيو ته سنڌ ۾ نئين سياسي اتحاد سان پ پ کي ڪو به فرق نه پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *