سنڌ ۾ مڪاني چونڊون فوج جي نگراني ۾ ڪرايون وڃن، ڌانڌليون ڪندڙ هاڻي سڌا جيل ويندا: پير پاڳارو

پيرجوڳوٺ (نمائندو) فنڪشنل ليگ جي سربراهه پيرپاڳاري، خيرپور سميت سڄي سنڌ ۾ مڪاني چونڊون فوج جي نگراني ۾ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندَي چيو آهي ته هي پرويز ڪياني نه پر راحيل شريف جو دور آهي، ڌانڌليون ڪندڙ هاڻي سڌا جيل ويندا، آصف زرداري کي واپس اچڻو هجي ها ته دبئي ۾ اجلاس نه گهـُرائي ها. پير جي ڳوٺ ۾ پيرپاڳاريجي صدارت هيٺ فنڪشنل ليگ ضلعي خيرپور جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اعليٰ قيادت ۽ عهديدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ڳالهائيندي پيرپاڳاري چيو ته ڊي سيز ۽ مختيارڪارن جي نگراني ۾ مڪاني چونڊون شفاف نٿيون ٿي سگهن. فنڪشنل ليگ جي سربراهه چيو ته هي دور جنرل ڪياني نه پر جنرل راحيل شريف جو آهي، هاڻ ڌانڌلين وارا سڌا جيل ويندا. پيرپاڳاري مطالبو ڪيو ته خيرپور ضلعي سميت سڄي سنڌ ۾ مڪاني چونڊون فوج جي نگراني ۾ ڪرايون وڃن. آصف زرداري بابت ڳالهائيندي هـُن چيو ته پ پ جو شريڪ چيئرمين هاڻ واپس نه ايندو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن کيس واپس اچڻو هجي ها ته اهو دبئي ۾ اجلاس نه گهرائي ها. پيرپاڳاري اڳڪٿي ڪندَي چيو ته رينجرز جي ڪاررواين کانپوءِ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي پر ايندڙ 5 کان 7 ڏينهن ۾ صوبي جون حالتون بلڪل بدلجي وينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *