سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو: بدين ۽ سانگهڙ ضلعا انتهائي حساس قرار

حيدرآباد (اي پي پي) سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان بابر يعقوب فتح محمد چيو آهي ته بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي جي سلسلي ۾ امن امان ۽ صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جي حوالي سان لاڳاپيل ادارن سان گڏجاڻيون جاري آهن. سومر ڏينهن حيدرآباد ۾ بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي جي حوالي سان امن امان جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ ڪيل اهم گڏجاڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بابر يعقوب چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ سنڌ جي 15 ضلعن ۾ ٿيندڙ اليڪشن جي حوالي سان گڏجاڻيون ڪيون پيون وڃن ته جيئن اهي چونڊون پرامن ماحول ۾ صاف شفاف نموني ٿي سگهن، هن ٻڌايو ته ٻئي مرحلي ۾ سنڌ جي 15 ضلعن ۾ ٿيندڙ چونڊ ۾ 7 هزار پولنگ اسٽيشنز ٺاهيون ويون آهن، جن تي 60 هزار پولنگ عملو ڊيوٽي سرا نجام ڏيندو، جڏهن ته انهن پولنگ اسٽيشنن تي 51 هزار نفري مقرر ڪئي ويندي، هن ٻڌايو ته سنڌ جي 2500 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس جڏهن ته 2500 پولنگ اسٽيشنن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي، هن ٻڌايو ته اجلاس ۾ سمورن ڊي آر اوز ۽ لاڳاپيل عملدارن گهر ڪئي آهي ته انهن پولنگ اسٽيشنن تي فوج يا رينجرز مقرر ڪئي وڃي، جڏهن ته سنڌ جي گهرو کاتي طرفان پڻ فوج جون 16 ڪمپنيون مقرر ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان انهن ڳالهين تي بحث لاءِ سڀاڻي اربع تي اسلام آباد ۾ هڪ اجلاس سڏايو آهي، جنهن ۾ دفاع وارو سيڪريٽري، وفاقي گهرو سيڪريٽري ۽ ٻنهي صوبن جا گهرو سيڪريٽري شرڪت ڪندا، جنهن ۾ غور بعد ڪو فيصلو عمل ۾ آندو ويندو، هن ٻڌايو ته هن قسم جي هڪ ٻي اهم گڏجاڻي 13 تاريخ تي لاهور ۾ پڻ گهرائي وئي آهي، رڳو انتهائي حساس ۽ حساس نه پر هر پولنگ اسٽيشن تي مڪمل نظر رکي ويندي، هن چيو ته رڳو حيدرآباد جي 203 پولنگ اسٽيشنن کي پڻ نظر ۾ رکيو ويو آهي، ڇو ته اتي به خدشا موجود آهن، هن ٻڌايو ته خيرپور واقعي کي نظر ۾ رکندي اهو چئي سگهجي ٿو ته اهو لازمي ناهي ته حساس پولنگ اسٽيشنن تي ئي ڪو واقعو ٿئي، ان لاءِ هاڻي اسان جي هر پولنگ اسٽيشن تي مڪمل نظر هوندي، اليڪشن جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تي عمل کي يقيني بڻايو ويندو، هن سمورن ڊي آر اوز ۽ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته اهي چونڊن ۾ بيٺل سمورن اميدوارن کي ان بابت آگاهي ڏين، هٿيارن جي نمائش تي بندش لڳائي ويندي، هن ٻڌايو ته امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورن ادارن کي غير جانبدار هئڻ گهرجي، اي سي پي جي اها آئيني ذميواري آهي ته اها ادارن سان سهڪار جاري رکي، هن ٻڌايو ته هن گذريل ڏينهن سيڪيورٽي پرنٽنگ پريس جو دورو ڪيوآهي، جتي ڇپائي جو ڪم 97 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ سنڌ جي 15 مان 7 ضلعن ۾ بيلٽ پهچائڻ وارو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، باقي ضلعن اندر هڪ ٻن ڏينهن ۾ بيلٽ پيپر پهچي ويندا، هن سمورن ڊي آر اوز کي هدايت ڪئي ته ڪنهن به پولنگ اسٽيشن جي تبديلي بنا سبب نه ڪئي وڃي، ڪنهن به پولنگ اسٽيشن تي ڪنهن به واقعي جي صورت ۾ فوري طور تي اطلاع ڏنو وڃي ۽ عملي جي مقرري کي هر حال ۾ يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته سمورين سياسي پارٽين سان برابري جي بنيادن تي ورتاءُ ڪيو وڃي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته خيرپور واقعي جي جاچ هلندڙ آهي، جيڪا تمام جلد منظر عام تي آندي ويندي، هن ٻڌايو ته ضلعي سيڪيورٽي ڪاميٽي جي رپورٽ تي حساس ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن جو تعين ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته ماضي جي رپورٽن ۽ تازين حالتن کي نظر ۾ رکندي پولنگ اسٽيشنن جي حساس ۽ انتهائي حساس جو تعين ڪيو وڃي ٿو، هڪ سوال تي هن چيو ته هزارن جي انگ ۾ ٻاهران عملو گهرائي چونڊن جي ڊيوٽي نٿي ڪرائي سگهجي، پر تنهن هوندي به هنن چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڊي آر اوز گهڻي انگ ۾ ٻاهرين شهرن جا رکيا آهن، هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته آرمي پولنگ اسٽيشن اندر هجي يا ٻاهر ان بابت اڃا فيصلو نه ٿي سگهيو آهي، پر وڏي انگ ۾ پولنگ اسٽيشنن تي اندر ۽ ٻاهر آرمي مقرر ڪرڻ شايد ڏکيو ڪم آهي، پر جتي گهڻو خطرو هوندو اتي اهو عمل ضرور ڪبو، هن چيو ته سانگهڙ ۽ بدين ضلعا حساس ترين ضلعن ۾ شامل آهن، جڏهن ته سانگهڙ ۾ ڪيتري انگ ۾ سيڪيورٽي عملو مقرر ڪجي ان تي پڻ غور هلندڙ آهي، بدين ضلعي ۾ هڪ سياسي شخصيت طرفان ڌمڪيون ڏيڻ بابت هن چيو ته ڌمڪين جو نوٽيس ورتو ويو آهي، جڏهن ته چونڊن ۾ ڌانڌلي کي روڪڻ لاءِ هڪ ڊي آر او کي پاسيرو جڏهن ته 2 کان 3 آر اوز تي نظر رکي پئي وڃي، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ ميڊيا سيل موجود آهي، جنهن سان لهوچڙ ۾ اچي سگهجي ٿو، هن چيو ته پاڪ آرمي هميشه اي سي پي جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي پنهنجا جوان اليڪشن ڊيوٽين لاءِ ڏنا آهن، جيڪڏهن ضرورت پئي ته وڌيڪ فوج پڻ گهرائي سگهجي ٿي، هن ٻڌايو ته پهرين مرحلي جي چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي 140 شڪايتون مليون، جن جي جاچ ضرور ڪئي ويندي، ان کان اڳ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان بابر يعقوب فتح محمد جي سربراهي ۾ چونڊن ۾ امن امان جي حوالي سان هڪ اهم گڏجاڻي ڪئي وئي، جنهن ۾ آءِ جي سنڌ، سنڌ جي گهرو کاتي جو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ، حيدرآباد، نوابشاهه ۽ ميرپور خاص جي ريجنل اليڪشن ڪمشنرن، رينجرز جي سيڪٽر ڪمانڊر ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *