سنڌ ۾ ميرٽ جو قتل ٿي رهيو آهي: وسيم اختر جو الزام

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ وسيم اختر جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ميرٽ جو قتل عام ٿي رهيو آهي ميرٽ جي نالي تي عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي پريس ڪانفرنس ڪندي متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ وسيم اختر جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ ميرٽ جي نالي تي 98 سيڪڙو عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي سنڌ ۾ سياسي بنيادن تي ڀرتيون ڪيون پيون وڃن جڏهن ته صوبي جو چيف ايگزيڪيوٽو ميرٽ جو راڳ ڳائيندو رهي ٿو هن جو چوڻ هو ته پوليس ۾ ڀرتي لاءِ ٽيسٽ ۽ انٽرويو پاس ڪندڙ 76 ڄڻا ان ڪري گرفتار ڪيا وڃن ٿا ته هو پنهنجي نوڪري جي ليٽر بابت پڇن ٿا، سنڌ جي وڏي وزير کان پڇيو وڃِ ته ڪهڙي صوبي جا فرض ادا ڪري رهيو آهي سنڌ ۾ بيڊ گورننس جون سموروين حدون پار ٿي چڪيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *