سنڌ ۾ قهر جي گرمي، پارو 51 تي پهتو، عورت سميت 5 فوت، ڪيترائي بيهوش

ڪراچي/شهدادپور/ڏوڪري/جيڪب آباد، (نمائندن وٽان) ڏوڪري تعلقي  ۽ ڀرپاسي ڪاله شديد گرمي جي لهر سبب زندگي  مفلوج ٿي وئي. ايئرپورٽ تي موسميات کاتي موجب ڪالهه گرمي پد 50 سينٽي گريڊ تي پهچي وئي.  ٻلهڙيجي ۾ بجلي بند هجڻ  ۽ شديد گرمي سبب اسڪولن ۾ ٻارن کي گهر روانو ڪيو ويو.گر مي جي سٽ نه سهندي هڪ پير سن فوت، خبر مو جب: ڏوڪري تعلقي ۾ 2 ڏينهن کان وٺي گرمي جي سخت لهر ۽ سج نيزي تي هئڻ سبب عوام جي زندگي مفلوج ٿيويئي آهي ۽ ماڻهو ٻاهر نڪرڻ بجا۽ گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.جڏهن ته ڏوڪري تعلقي مو هن جو دڙو ائير پورٽ تي مو اميات مو جب گرمي جي پڊ 50 سينٽي کان مٿي هئڻ سبب روڊ رستا ويران ۽ سنسان ٿي ويا.جڏهن ته ٿڌين شين برف ،بوتل، شر بت، بر ف جي ڳنڍي ۾ رڪارڊ اضافو ٿي ويو آهي.جڏهن ته بجلي جي سٽ نه سهندو ڳوٺ حاجي  مشوري جو 70 سالن جو  رهواسي احمد مشوري گر مي جي سٽ نه سهندي فو ت ٿي ويو. جيڪب آباد ۾ سج سوا نيزي تي اچي ويو، هڪ پوڙهي عورت گرمي جي سٽ نه سهندي فوت، ڊاڪٽر ۽ شاگرد سميت ڪيترائي بيهوش، گرمي پد 51 سينٽي گريڊ رڪارڊ، خبر موجب: جيڪب آباد ۾ سج سوا نيزي تي اچي ويو گرمي پد 51 سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو سخت گرمي ۽ گرم هوائن شهر جا روڊ رستا ويران ڪري ڇڏيا بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ گرمي سبب جعفرآباد پاڙي جي هڪ عورت 50 ورهين جي صدوران زال جلال جمالي بيهوش ٿي ڪري پئي جنهن کي سول اسپتال آندو ته ڊاڪٽرن کيس فوت ٿي وڃڻ جي تصدي ڪري ڇڏي. جڏهن ته جمس اسپتال جي ڊاڪٽر اشفاق شيخ ڊيوٽي دوران اسپتال اندر ئي بيهوش ٿي ويو جنهن کي ٻين ڊاڪٽرن فوري طور تي سنڀاري ورتو. هڏانهن جيڪب آباد ويجهو گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڀيلڏنو آباد اسڪول جو 7 ڪلاس جو شاگرد منير احمد گرمي لڳڻ سبب ڪلاس ٻاهران بيهوش ٿي ڪري پيو ۽ مٿي ۾ سر لڳڻ سبب سندس مٿو ڦاٽي پيو زخمي شاگرد اسڪول جا استاد سول اسپتال کڻائي آيا جتي ڊاڪٽرن شاگرد کي مٿي ۾ 3 ٽاڪا هنيا ويا. گرمي ۾ واڌ ٿيندي ئي جيڪب آباد ۾ ٿڌي شربتن جي استعمال ۾ واڌ ٿي وئي آهي جڏهن ته هنڌاڻي ۽ گدرن جي کپت پڻ وڌي وئي آهي. بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب برف جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي ۽ شهر جي مختلف علائن ۾ برف 15 کان 20 روپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي.شهدادپور ۾ قهر جي گرمي، 3 ڄڻا فوت ،گيسٽرو وگھي 20 ڇڻا اسپتلن ڀيڙا، واپڊا به ڪا ڪسر نه ڇڏي، لوڊ شيڊنگ، پ پ شهيد ڀٽو پاران واپڊا خلاف احتجاج خبر موجب شهدادپور ۽ آس پاس ۾ گرمي جي شدت ۾ روز بروز اضافو اچي رهيو آهي 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين گرمي پد پهچڻ ڪري شهري علائقن ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ گرمي ۾ ڇوٽ جو اضافو اچي ويو آهي واپڊا وارن به گھٽ نه ڪيو سڄو ڏينهن بجلي وقفي وقفي سان غائب رهي ،ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 12 ڪلاڪن تائين به بجلي غائب رهڻ ڪري گيسٽرو ۾ اضافو ويو آهي شازيه زال خادم حسين،محمد ڄام ولد عيدن،عابد ولد جعفر،غلام شبير ولد گاهي، سميت 20 کان وڌيڪ ڇڻا اسپتالن ڀيڙا ٿي ويا آهن ،هوڏانهن گرمي جي آزار سبب واپڊا جي اهڙن ظالمانه ڪلور خلاف پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ ضلعي سانگھڙ جي صدر عبدالستار رند، عزيز باگراڻي ،غلام مصطفٰي ٻگھيو جي قيادٽ ۾ سوين ڪارڪن ڏنڊا،لٺيون کڻي روڊن تي نڪري آيا ملدسي چوڪ کان واپڊا آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي ۽ چيو ته واپڊا وارن شهدادپور واسين سان ظلم ڪري ڇڏيو آهي لوڊشيڊنگ جي آڙ ۾ شهري ۽ ٻهراڙي علائقن مان ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي غائب آهي هنن چتاءُ ڏنو ته اگر واپڊا وارن پنهنجو قبلو درست نه ڪيو ته اسان سخت احتجاج ڪرڻ تي مجبور هونداسين، ٻئي طرف گرمي جي آزار سبب ،لوڊشيڊنگ سبب راشدي ننگر ۾ 40 سالا حسين بخش خاصخيلي ولد نبي بخش رازي سان گڏ مزدوري ڪري رهيو هو ته اچانڪ بيهوش ٿي ويو جنهن کي مقامي ماڻهن هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ٿڏي تي فوت ٿي ويو مرحوم جو لاش ٽنڊوآدم روڊ تي حاجي قائم ڳوٺ پهتو ته ڪهرام مچي ويو، مرحوم کي ابئي قبرستان۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. مائي سهڻي ڪالوني ۾ 45 سالا رمضان ملڪ، 70 سالا بشير احمد آرائين پڻ گرمي جي سٽ نه سهي سگھيا جن کي بيهوشي حالت ۾ سمس اسپتال آندو ويو جتي هو فوت ٿي ويا ٻنهي فوتين کي مائي سهڻي قبرستان ۾ سپردخاڪ ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف  اطلاعات کاتي بابت وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار مولابخش چانڊيو سنڌ ۾ ٿيندڙ ڊگهي لوڊشيڊنگ تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ 50 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌيڪ گرمي ۾ ڊگهي ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ آهي ته حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ سنڌ جي عوام تي بجلي جي لوڊشيڊنگ جو عذاب مسلط ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ ۾ بجلي جي فراهمي ۾ تعصب کان ڪم وٺي رهي آهي ۽ سنڌ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ تي امن امان جا مسئلا پيدا ڪري رهي آهي ۽ مملڪتي وزير عابد شير علي مغل اعظم جو وزير بڻيل آهي. مولابخش چانڊيو چيو ته سنڌ جي عوام تي اضافي بجلي جي بلن جو بار وڌو پيو وڃي، بجلي جي منصفاڻي ورڇ سنڌ جي عوام جو حق آهي. هن چيو ته وسيلن جي منصفاڻي ورڇ نه ٿي ته دمادم مست قلندر ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *