سنڌ ۾ شھيد ناظم جوکيو کي ڀرپور ڀيٽا پيش، وزير اعظم پاران جي آئي ٽي جوڙڻ جو فيصلو

ڪراچي(م.ڊ) سنڌ جي گورنر جي سفارش تي وزيراعظم عمران خان شهيد ناظم جوکيو قتل معاملي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وفاقي سرڪار طرفان جي آءِ ٽي بابت جلد نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جا امڪان آھن،  ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ۽ گورنر وچ ۾ ملاقات دوران شهيد ناظم جوکيو قتل معاملي تي جي آءِ ٽي جوڙڻ تي اتفاق ٿيو آھي،  گورنر عمران اسماعيل وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ناظم جوکيو قتل ڪيس کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ايم پي ايز شفاف جاچ اڳيان رنڊڪ پيدا ڪري رهيا آهن، شهيد ناظم جوکيو جي وارثن تي به دٻاءُ آهي، جي آءِ ٽي جوڙي شفاف جاچ ڪرائڻ سان شهيد ناظم جي وارثن جو قانون تي اعتماد بحال ٿيندو، ٻئي طرف سنڌ جي نجي ٽي وي چينل پاران اظهار جِي آزاديءَ وارِي راهه جَي شهيد ناظم جوکيو کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي، سنڌ واسي به شهيد ناظم جوکيو جِي تصويرن آڏو ڏيئا ٻاري کيس ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن، نوابشاهه، ڀٽ شاهه، ٽنڊو محمد خان، ڏهرڪي، صدر جي ڀٽيون، دادو ۽ ٻين شهرن ۾ شهيد جي تصوير اڳيان ڏيئا روشن ڪيا ويا آھن، شهيد جي خون سان انصاف لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاج ڪيو پيو وڃي، قاتلن کي سزا ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي، شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس جي جاچ ۾ غيرمعمولي اڳڀرائي، ملير پوليس پ پ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم کي به قتل ڪيس ۾ جوابدار نامزد ڪري ڇڏيو، شهيد جي ڀاءُ جي بيان ۽ ڄام هائوس مان ڊي وي آرهٿ اچڻ بعد ايم اين اي ڄام عبدالڪريم کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آھي،  16 کان وڌيڪ ماڻهو جاچ ۾ شامل، شهيد ناظم جي وڊيو ۽ آڊيو بيانن کي مُک ثبوت طور جاچ جو حصو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، پوليس واردات بعد ڄام هائوس مان مبينا طور گُم ڪيل ڊي وي آر هٿ ڪري ورتي آھي، ڄام هائوس سوڌو مختلف علائقن ۾ ڇاپن دوران وڌيڪ 3 ڄڻا گرفتار، شهيد ناظم جي قتل ۾ استعمال ٿيل ڏنڊا به هٿ، پوليس جو چوڻ آهي ته شهيد ناظم جي قتل بعد ايم پي اي ڄام اويس بلوچستان جي علائقي خضدار فرار ٿي ويو هو، پوليس جو دٻاءُ وڌڻ بعد ڄام اويس ڪراچي واپس اچِي گرفتاري پيش ڪئي، شهيد ناظم جوکيو جي وني شيرين جوکيو چيو آهي ته ايم اين اي عبدالڪريم جوکيو ناظم کي گهرايو ۽ کيس بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو. نجي ٽي وي کي ڏنل تفصيلي انٽرويو ۾ شيرين جوکيو چيو ته واقعي واري ڏينهن ڏير افضل منهنجي مڙس کي  ٻڌايو ته ڄام عبدالڪريم بار بار فون ڪري چوي ٿو ته ناظم کي پيش ڪريو. شيرين جوکيو چيو ته ناظم جو وڏيرن ڏانهن وڃڻ جو ڪو به ارادو نه هو ۽ هن چيو ته اسان ڪنهن کان به نه ٿا ڊڄون، هر ڪو پنهنجي گهران کائي ٿو. هن چيو ته منهنجي مڙس کي پنهنجن مائٽن وڏيرن ڏانهن وڃڻ لاءِ چيو. ايم اين اي ڳالهيون ڪرڻ جي نالي تي دوکو ڪري ناظم کي پاڻ وٽ گهرايو. منهنجو ڏير هن کي احترام مان بابا چوندو هو پر هن ان احترام جو خيال به نه ڪيو ۽ منهنجي جاني کي ماري ڇڏيو. شيرين جوکيو چيو ته وزيراعظم عمران خان، بلاول  ڀٽو زرداري، چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻين کي اپيل ٿي ڪريان ته مون کي پئسا نه کپن، منهنجي جاني جي قاتلن خلاف ڪارروائي ڪيو ۽ مون کي انصاف ڏياريون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *