سنڌ ۾ شفاف چوندون عوامي نمائندن جو پ پ تي اعتماد جو اظهار آهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ شفاف چونڊن سان هڪ دفعو ٻيهر عوامي نمائندن پ پ تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، اسان ڌانڌلي تي يقين نٿا رکون، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ووٽن جي بنياد تي ڪامياب ٿيون آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ چونڊن جي نتيجي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته سنڌ جي شفاف چونڊن ۾ هي ثابت ٿي ويو آهي ته سنڌ جو عوام ۽ نمائندا ڌانڌلي تي يقين نٿا رکن، مان ان موقعي تي پ پ جي ڪو چيئرمين آصف زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف کي واڌايون ڏيان ٿو، اڄوڪي ڪاميابي جمهوريت لاءِ آهي، جمهوريت لاءِ گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن، چونڊون شفاف ٿيون آهن، هي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته جمهوريت مضبوط ٿي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *