سنڌ ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن: مراد علي شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سي پيڪ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو راز آهي، چيني سفير وڏي وزير کي خاطري ڪرائي ته سي پي پيڪ جي ايندڙ اجلاس ۾ ڪيٽي بندر بابت غور ڪيو ويندو. وڏي وزير مراد علي شاهه سان چائنيز سفير جي اڳواڻي ۾ وفد ملاقات  ڪري ڪيٽي بندر کي سي پيڪ ۾ شامل ڪرڻ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي،  چائنيز سفير جي اڳوڻي ۾ چائنيز سيڙپڪاري وفد سي ايم هائوس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه چائنيز سفير سان ڪيٽي بندر کي سي پيڪ ۾ شامل ڪرڻ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته سنڌ ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا آهن. چيني سفير وڏي وزير کان ڪيٽي بندر بابت تفصيل طلب ڪندي خاطري ڪرائي ته سي پيڪ جي ايندڙ اجلاس ۾ ڪيٽي بندر بابت غور ڪيو ويندو. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي وئي اهي، سيڙپڪارن کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *