سنڌ ۾ رينجرز جي مقرري جي مدي ۾ هڪ سال لاءِ واڌ، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سنڌ ۾ رينجرز جي مقرري جي مدي ۾ هڪ سال لاءِ واڌ ڪري ڇڏي، وڏي وزير جي منظوري کانپوءِ گهرو کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، رينجرز جي مقرري جو مدو 19 جولاءِ تي ختم ٿي رهيو هو. وڏي وزير جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان مطابق رينجرز جي قيام جي مدي ۾ توسيع آرٽيڪل 147 جي تحت ڪئي وئي آهي، رينجرز جي مدي ۾ 17 جولاءِ 2016 تائين واڌ ڪئي وئي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ حڪومت رينجرز جي اختيارن جي مدي ۾ هڪ مهيني جي واڌ ڪئي وئي هئي، جڏهن ته صوبي ۾ رينجرز جي مقرري جو مدو هڪ ڏينهن کانپوءِ ختم ٿي رهيو هو. وڏي وزير جي منظوري کانپوءِ گهرو وزارت سنڌ ۾ رينجرز جي مقرري جي مدي ۾ هڪ سال واڌ جو نوتيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، سول انتظاميه جي مدد لاءِ رينجرز وڌيڪ هڪ سال تائين صوبي ۾ موجود رهندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *