سنڌ ۾ رينجرز امن امان قائم ڪرائڻ لاءِ دهشتگردن سان وڙهي رهي آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته دهشتگردي هن ملڪ لاءِ ناسور بڻجي وئي آهي ۽ ماضي ۾ ان جو ٻج پوکيو ويو هو حڪومت ان خلاف ڀرپور ايڪشن کڻي رهي آهي، جيڪي سياسي ۽ مذهبي جماعتون ڪڏهن ان کي پنهنجي سسٽم جو حصو تصور ڪري انهن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ چوندا هئا اهي به اڄ کين انهن خلاف آپريشن لاءِ چئي رهيا آهن. اڄ ملڪ جي عسڪري ۽ سموريون سياسي قوتون انهن دهشتگردن خلاف هڪ پليٽ فارم تي متحد آهن ته ان جو هن ملڪ مان خاتمو ڪري ئي ساهه کڻنداسين. سنڌ حڪومت صوبي ۾ ٿيندڙ سنگين واقعن جو سختي سان جوٽيس وٺي سمورا گهربل وسيلا ۽ اسٽريجٽي سان امن جي قيام لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هو اڱاري تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. شرجيل ميمڻ چيو ته اڱاري جي صبح جو گلشن اقبال جي اسڪول ويجهو ۽ سائيٽ ايريا ۾ رينجرز جي موبائيل تي حملا افسوسناڪ آهن. هن چيو ته اهڙي طرح جي سنگين واقعن جي ڪري ئي سنڌ حڪومت پنهنجن سمورن وسيلن کي استعمال ڪندي صوبي ۾ امن امان جي قيام لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن ايپڪس جي اجلاس ۾ به ڪور ڪمانڊر سنڌ، آئي جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز سميت سمورن اعليٰ آفيسرن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته صوبي ۾ امن امن جي قيام لاءِ هر ممڪن اپاءُ ورتا ويندا ۽ دهشتگردن جو خاتمو ڪري ئي سک سان ويهنداسين. هن چيو ته دهشتگردي ۽ دهشتگردن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ هزار پوليس اهلڪارن کي ايس ايس جي جو ڪمانڊو تحت سکيا ڏني ويندي. شرجيل ميمڻ چيو ته اسان کي هاڻ طالبان ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف سخت کان سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ۽ اڄ به اسان جي ڪوشش آهي ته هن ملڪ کي دهشتگردي ۽ ان جي سوچ وارن ماڻهن کان پاڪ ڪرايو وڃي ڇو ته اهي اسان جي تعليم، مذهب، انسان ۽ معيشيت سان گڏوگڏ ملڪ دشمن سوچ رکن ٿا. هن چيو ته ماضي ۾ انهن قوتن کي واڌ ويجهه جو موقعو ڏنو ويو ۽ ڪجهه سياسي ۽ مذهبي طاقتن جيڪي کين پنهنجي سسٽم جو حصو قرار ڏئي انهن سان ڳالهيون ڪرڻ جو به چيو پر اڄ اهي ئي سياسي ۽ مذهبي قوتون دهشتگرد لاءِ ڪارروائي لاءِ راضي آهن ۽ اڄ ملڪ جي عسڪري ۽ سياسي قوتون ان تي متحد آهن ته انهن جو خاتمو ڪيو وڃي. شرجيل ميمڻ چيو ته اڄ به اسان جي فوج ۽ سول حڪومت هڪ آواز ٿي انهن خلاف وڙهي رهيون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪنهن به دهشتگرد کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيو ويندو ۽ اسان جي پوليس ۽ رينجرز بردباري سان انهن خلاف آپريشن ڪري رهي آهي ۽ ڪيئي دهشتگرد ماريا ويا آهن ۽ پڪڙيا ويا آهن ۽ اڄ به اهڙي طرح انهن خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن جو سلسلو جاري آهي. سنڌ ۾ نئين سياسي اتحاد جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته ڀلي ڪيترا ئي سياسي اتحاد ٺهن انهن سان ڪوبه فرق نٿو پوي، پر هن وقت سياست جو وقت نه آهي بلڪ هڪ قوم بڻجي ملڪ جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان مدرسن خلاف نه آهيون، پر اهي مدرسا جيڪي تعليم بجاءِ دهشتگردي کي فروغ ڏيڻ ۾ ملوث هوندا انهن خلاف ڪابه رعايت نه ٿيندي. هن چيو ته گذريل ڏينهن ايپڪس جي اجلاس ۾ سمورن ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي اهي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته هو پنهنجن پنهنجن ضلعن ۾ ان حوالي سان رپورٽ تيار ڪن ۽ نون مدرسن کي تعمير کان اڳ انهن جي اين او سي کي يقيني بڻائين. هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ گهرو کاتو مختلف مذهبي اسڪالرز سان به رابطا ڪندي ۽ انهن کان مدد طلب ڪندي ۽ جتي جتي اهڙي طرح جا غلط مدرسا ٺهيل آهن انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته هاڻ تبديلي يقيني آهي ۽ دهشتگردي جي سوچ، اداري ۽ ان ۾ ملوث يا ان جي پشت پناهي ڪندڙن خلاف ڪاررائي يقيني آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *