سنڌ ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو، 20 هزار اهلڪار ڀرتي ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (اين اين آءِ) اپيڪس ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي ته سنڌ پوليس کي مضبوط بڻايو وڃي ۽ ان حوالي سان صوبي ۾ 20 هزار پوليس اهلڪار ڀرتي ڪيا ويندا، جن مان 8 هزار پوليس اهلڪار ڪراچي مان ڀرتي ڪيا ويندا، جڏهن ته انهن جي تربيت پاڪ فوج ڪندي، اهڙو فيصلو گذريل ڏينهن اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو، اجلاس جي صدارت وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪئي، جڏهن ته گونر ڊاڪٽر عشرت العباد، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار، وقتي چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اپيڪس ڪميٽي موجوده صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ڪراچي ۾ امن لاءِ نئين حڪمت عملي واضح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، وڏي وزير 20 هزار پوليس اهلڪار ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏني جنهن ۾ 8 هزار پوليس اهلڪار ڪراچي مان کنيا ويندا، ان موقعي تي ڪور ڪمانڊر ڪراچي چيو ته ڀرتي ٿيندڙ اهلڪارن جي پاڪ فوج تربيت ڪندي ۽ ان لاءِ ضروري انتطام ڪيا ويندا، ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ پنهنجي ڪارڪردگي جي باري ۾ آگاهه ڪيو ۽ درپيش چيلينجز جي نشاندهي ڪئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀنگ لاءِ اغوا، ڀتي خوري جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي آهي، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ دهشتگردي جي واقعن ۾ 80 سيڪڙو گهٽتائي  ٿي آهي، هر مهيني 80 کان هڪ سئو ماڻهو ٽارگيٽ ڪلنگ جو شڪار ٿيندا هئا پر هاڻي ٽارگيٽ ڪلنگ ايڪڙ ٻيڪڙ واقعو پيش اچي ٿو، اهڙي طرح ڀتي خوري جي واقعن ۾ 85 سيڪڙو ۽ اغوا جي واقعن ۾ 90 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، 2013 ۾ اغوا جا 1774 واقعا رپورٽ ٿيا، 2016 جي پهرين 5 مهينن ۾ صرف 13 واقعا رجسٽرڊ ٿيا، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ ڇوٽو گينگ خلاف جڏهن آپريشن شروع ٿيو ته سنڌ رينجرز، سنڌ بلوچستان سرحد تي سخت چيڪنگ شروع ڪئي ۽ سنڌو دريا سان گڏ چوڪيون قائم ڪيون، اجلاس ۾ اها ڳالهه نوٽ ڪئي وئي ته ڪراچي شهر ۾ امن امان بحال ٿيڻ جي سبب پراپرٽي جي قيمتن ۾ 23 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، گذريل رمضان دوران ڪراچي جي مارڪيٽس ۾ 70 ارب جي خريداري ٿي، 14 آگسٽ جي موقعي تي 5 ارب رپين جا پرچم ۽ جهنڊيون وڪرو ٿيون، وڏي وزير اپيڪس ڪميٽي کي ٻڌايو ته دهشتگردي ٽوڙ جي 10 خاص عدالتن جو قيام تقريبن مڪمل ٿي چڪو آهي، 6 عدالتون ڪراچي سينٽرل جيل ۾ قائم ڪيون پيون وڃن ۽ ان جون عمارتون جون 2016 تائين مڪمل ٿي وينديون ۽ عدالتون جولاءِ ۾ پنهنجو ڪم شروع ڪنديون. سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي لا ٽيم مقرر ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي جيڪا ڄاڻايل عدالتن ۾ ججز جي مقرري ڪندي. وڏي وزير چيو ته 2 سئو پراسيڪيورٽز جي مقرري جي منظوري ڏني وئي آهي، هن چيو ته ڪنهن جي سفارش تي ڀرتي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ڀرتيون صرف ميرٽ تي ڪيون وينديون، اپيڪس ڪميٽي اهو به فيصلو ڪيو ته آءِ جي سنڌ پوليس پنهنجي جي ايس ايم کي 34 لڪيٽرز تائين اپ گريڊ ڪري، ان موقعي تي آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته 34 جي ايم ايس لڪيٽرز جي خريداري لاءِ وفاقي سرڪار اين او سي جاري نه ڪري رهي آهي، ان تي وڏي وزير، گورنر، ڪور ڪمانڊر ڪراچي خاطري ڪرائي ته سنڌ پوليس کي جديد اوزار فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪوششون ڪندا، آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته 10 ايم پي اي جون نيون سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي تنصيب لاءِ 1.76 ارب رپيا گهربل آهن، اپيڪس ڪميٽي چيو ته ان حوالي سان چيف سيڪريٽري ۽ ناڻي واري سيڪريٽري سان معاملا طئه ڪيا وڃن.  ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيي چيو آهي ته صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال کي هٽائڻ بابت اختيار پارٽي قيادت کي آهن، اجلاس ۾ صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال کي هٽائڻ بابت ڳالهه نه ٿي آهي، اجلاس ۾ 20 هزار اهلڪار ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *