سنڌ ۾ داعش جو ڪو به وجود ناهي، شهيد ڀٽو دنيا ۾ پاڪستان کي اسلام جو قلعو بڻايو: وڏو وزير

خيرپور (ڊ.ر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ داعش جو ڪو به وجود ناهي رڳو داعش جو نالو استعمال ٿي رهيو آهي خدا جو شڪر آهي ته امن و امان جي سلسلي ۾ سنڌ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪاوشن سان امن و امان قائم ٿيو آهي، هن اهڙو اظهار مهران يونيورسٽي انجينئرنگ ٽيڪنالوجي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس خيرپور ۾ مسجد ، آڊيٽوريم، پيٽروليم، مڪينيڪل ، اليڪٽريڪل، نيچرل گيس جي شعبن جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته سي سي آءِ جو اجلاس ٿيندو، جنهن مان وفاق کان سنڌ جي سمورن مسئلن بابت تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ڪنداسين، صحت ۽ ايجوڪيشن صوبائي معاملا آهن سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي ويندي، اسان وفاق سان محبت سان سمورا مسئلا حل ڪرڻ چاهيون ٿا، آئين ۽ قانون تحت اسانکي پنهنجو حق ملڻ کپي ۽ اسان اهو حق وٺنداسين. سي سي آءِ جو اجلاس ڪيترن مهينن کان پوءِ ٿي رهيو آهي،  وڏي وزير سيد قائم علي شاهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو دنيا جو وڏو عظيم ليڊر هيو، شهيد ڀٽو دنيا ۾ پاڪستان کي اسلام جو قلعو بڻايو، پيپلز پارٽي جو منشور آهي ته تعليم صحت ۽ ٻين شعبن ۾ بنا فرق جي خدمت ڪئي وڃي، مهراڻ انجينئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي جي ڪيمپس جيڪب آباد، عمر ڪوٽ ۽ مٺي ۾ قائم ڪيو ڪيو ويندو، جيڪا سنڌ حڪومت جي وڏي ڪاميابي آهي، اسانجي ڪوشش آهي ته صوبي جي سمورن ضلعن ۽  تعلقن ۾ ڪاليج ۽ اسڪول هجن. سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ته تعليم ۽ صحت جي شعبن کي هٿي ڏئي وڌيڪ بهتري آڻجي. خيرپور ڪراچي کان پوءِ آبادي ۽ رقبي جي لحاظ کان وڏو ضلعو آهي، ان طرح هن شهر کي حق ملڻ کپي. خيرپور ۾ مهراڻ انجينئرنگ ٽيڪنالوجي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس هڪ خواب هيو، جيڪو اڄ مڪمل ٿيو آهي، جلد ان ڪيمپس کي يونيورسٽي جو درجو ڏيارينداسين. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي وزن جي تي عمل ڪندي شهيد بينظير آباد، لاڙڪاڻي ، خيرپور ۽ ٻين شهرن ۾ تعليمي ادارا ۽ اسپتالون قائم ڪيون ويون آهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ پرائمري اسڪولن ۾ تعليم جي فروغ لاءِ حڪومت توجهه ڏئي رهي آهي ۽ اسانجي حڪومت استادن جي پگهارن ۾ 40 هزار رپيه واڌ ڪئي آهي، اسانجي پيڙهه مضبوط هوندي تي سنڌ ترقي ڪندو. سنڌ ۾ 45 هزار اسڪول فنڪشنل آهن، استادن کي کپي ته هو تعليم جي فروغ لاءِ پنهنجي خدمتون ڀرپور نموني ادا ڪن. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته اڄ وڏي خوشي ٿي رهي آهي ته اسانجي هن انجينئرنگ ڪيمپس مان 600 انجنيئر پيدا ٿيا آهن، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي سنڌ جا نوجوان اڳتي اچي تعليم حاصل ڪن ۽ پنهنجي صوبي جي خدمت ڪن اسان وٽ تيل ، گيس، ڪوئلو ۽ ٻيون جنسون موجود آهن جنهنجي استعمال سان سنڌ ترقي ماڻيندو، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته ورلڊ بينڪ جي صدر گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي ۽ سنڌ ۾ ٿيل ترقي بابت بريفنگ تي خوشي جو اظهار ڪندي ورلڊ بينڪ پاران زراعت ، تعليم ۽ انڊسٽري جي شعبن ۾ وڌيڪ سهڪار ۽ مالي مدد جو يقين ڏياريو، جيڪا سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي آهي. هن چيو ته ايندڙ ٻن سالن ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت صوبي ۾ وڌيڪ بهتري ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ رٿا بندي ڪندي ۽ وڌيڪ ادارا قائم ڪندي، ان کان اڳ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه خيرپور ريلوي اسٽيشن ڀرسان مهراڻ انجينئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس ۾ بوائز ۽ گرلز هاسٽل، شاپنگ مال، ايمپلائز ڪوارٽر، پلي گرائونڊ جم خانه ۽ ٻين شعبن جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه بوائز هاسٽل بلاڪ ون جي پيڙهه جو پٿر رکيو ۽ ٻوٽو پوکيو. تقريب کي مهراڻ انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ڄامشورو جي وائيس چانسلر محمد اسلم عقيلي ، پرو وائيس چانسلر غلام سرور ڪنڌر ۽ ٻين خطاب ڪيو ان کان اڳ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪيمپس جي پيٽروليم نيچرل گيس، اليڪٽريڪل، مڪينيڪل ،آڊيٽوريم ۽ ٻين شعبن جو دورو ڪيو ۽ پنهنجي دلچسپي جو اظهار ڪيو ان موقعي تي وڏي وزير جي پوليٽيڪل سيڪريٽري لعل بخش منگي، ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ، ڊي سي خيرپور فياض حسين جتوئي، ڊي آءِ جي سکر اظهر رشيد ، پرسنل سيڪرٽري مظهر خان ، ايس ايس پي سيد پير محمد شاهه، علي شير مڪول ،ڊاڪٽر يار محمد ڦلپوٽو، غلام حسين مغل، امام ڏنو ملاح ، لالا عبدالغفار شيخ، رئيس غلام قاسم جسڪاڻي، شفيع محمد چانڊيو، شفقت مهيسر ايڊوڪيٽ ، اياز ميمڻ ، پير نديم جان سرهندي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *