سنڌ ۾ جي اي ايس ٽي ٽيسٽ ۾ 99 سيڪڙو کان به وڌيڪ اميدوار فيل، رڳو 1736 اميدوار پاس

ڪراچي (م.ڊ) سنڌ ۾ تازو ئي استادن جي ڀرتين لاءِ ورتل جي اي ايس ٽي ٽيسٽ ۾ 99 سيڪڙو کان به وڌيڪ اميدوار فيل ٿيا، جڏهن ته پاس ٿيندڙ شاگردن جي شرح 0.78 رهي. صوبي ۾ جي اي ايس ٽي لاء179600 اميدوارن آء بي اي جي انتظامن هيٺ ٽيسٽ ۾ حصو ورتو، جن مان رڳو 1736 اميدوار نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. واضع رهي ته ٽيسٽ ۾ مجموعي طور تي 55 سيڪڙو جڏهن ته هر مضمون ۾ 45 سيڪڙو مارڪون کڻڻ لازمي هو، معاملو سنڌ ڪابينا ۾ پهچڻ بعد ڪجهه وزيرن جي راءِ هئي ته ٽيسٽ مشڪل هو، گهٽ نمبر وارن کي به پاس ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته سينيئر وزيرن مخالفت ڪندي چيو ته تعليم جي بهتري لاءِ ڪمپرومائيز نه ڪيو وڃي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *