سنڌ ۾ جولاءِ 2020ع کان هيل تائين پوليو جو هڪ به ڪيس ظاهر نه ٿيو: مراد علي شاهه پوليو مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو

ڪراچي (م.ڊ) وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان سنڌ ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيئارڻ جي مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو، ڪراچي ۾ وڏي وزير ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ بعد تحفا  به ڏنا، وڏي وزير جي ترجمان موجب پوليو مهم جي تقريب وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿي جنهن ۾ صحت واري وزير ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، ترجمان موجب سنڌ ۾ 28 فيبروري کان 6 مارچ تائين جاري رهندڙ مهم ۾ هڪ ڪروڙ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئاريا ويندا، وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ ۾ جولاءِ 2020ع کان هيل تائين پوليو جو هڪ به ڪيس ظاهر نه ٿيو، پوليو ۽ هيلٿ ورڪرز جي محنت سان صوبو پوليو کان پاڪ رهيو، هن چيو ته هلندڙ سال ٻيون ڀيرو سڄي ملڪ ۾ مهم شروع ڪئي پئي وڃي، والدين کي اپيل آهي ته پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا لازمي پيئارين، جيڪڏهن والدين پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا باقاعدگيءَ سان پياريندا ته پوليو کان ڇوٽڪارو ممڪن آهي، وڏي وزير چيو ته مهم ۾ 70 هزار کان وڌيڪ پوليو ورڪرز ۽ 10 هزار کان وڌيڪ سپروائيزر حصو وٺندا، جولاءِ 2020ع کان صوبي ۾ پوليو جو هڪ به ڪيس سامهون ناهي آيو، هن چيو ته جنوري ۾ جيڪا پوليو مهم شروع ڪئي وئي هئي ان ۾ 99 سيڪڙو هدف حاصل ٿيا، وڏي وزير پاران پوليو خلاف آگاهي مهم ۾ ميڊيا جو سهڪار به طلب ڪيو ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *