سنڌ ۾ تبديلي آڻڻ جي سخت ضرورت آهي، ماڻهن کي آزاد ڪرايو ويندو: عمران خان

ڄامشورو (بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ڄامشوري ۾ پارٽي ڪئمپ جو دورو ڪيو آهي، عمران خان چيو آهي ته سنڌ ۾ تبديلي آڻڻ جي سخت ضرورت آهي، ماڻهن کي آزاد ڪرايو ويندو، سنڌ ۾ پوليس جي زور تي مڪاني چونڊ وڙهي پئي وڃي. عمران خان مڪاني چونڊن جي مهم جي سلسلي ۾ ٻن ڏينهن جي دوري تي سنڌ پهتو آهي، ڪراچي کان عمران خان ڄامشوري پهچي پارٽي جي ڪئمپ جو دورو ڪيو. عمران خان قاسم آباد ۾ به پي ٽي آءِ جي ڪئمپ جو دورو ڪندو ۽ ٽنڊوڄام ويجهو خاوند بخش جهيجو هائوس بعد مٺي روانو ٿيندو. عمران خان چيو آهي هت سنڌ ۾ ڏنڊي جي زور تي مڪاني چونڊ وڙهي پئي وڃي، سنڌ ۾ تبديلي جي ضرورت آهي، ماڻهن کي آزاد ڪرايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته مڪاني چونڊن ۾ ڪارڪنن کي چونڊ مهم نه پئي هلائڻ ڏني وڃي، ڪارڪنن کي حراسان ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن. عمران خان چيو ته بدقسمتي آهي جو ڪراچي امير ترين شهر هئڻ باوجود صاف پاڻي کان به محروم آهي، بهتر گڊ گورننس عوام جو مطالبو آهي. هن چيو ته حڪومت عوام مٿان اضافي ٽيڪس لاڳو ڪيو، جنهن سان غربت ۾ اضافو ٿيندو، نئين پاڪستان ۾ غربت جي خاتمي لاءِ پاليسي جوڙي ويندي، نئين پاڪستان ۾ پوليس غير جانبدار ۽ غيرسياسي هوندي، جڏهن ته اسپتالن جو نظام بهتر ۽ شفاف هوندو جنهن ۾ مداخلت برادشت نه ڪئي ويندي. عمران خان چيو ته امن امان جي صورتحال ٺيڪ نه هئڻ سبب ملڪ بيروزگاري جي ور چڙهيل آهي، امن امان جي صورتحال بهتر هوندي ته ٻاهرين ملڪ جي سيڙپڪاري وڌندي جنهن سان بيروزگاري جو خاتمو ايندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *