سنڌ ۾ بلدياتي چونڊون ٽن مرحلن ۾ ڪرائڻ جو فيصلو

ڪراچي (اي پي پي) سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن لاءِ ٽي مرحلا مقرر، پهرين مرحلي ۾ سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن، ٻئي مرحلي ۾ شهيد بينظير آباد ڊويزن، ميرپورخاص ڊويزن ۽ حيدرآباد ڊويزن ۽ ٽئين مرحلي ۾ ڪراچي ڊويزن ۾ چونڊن لاءِ ترتيبوار 31 آڪٽوبر، 19 نومبر ۽ 3 ڊسمبر 2015 تي بلدياتي چونڊون ٿينديون. خبر موجب چيف سيڪريٽري سنڌ جي صدارت هيٺ سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن جي سلسلي ۾ ڪالهه اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر تنوير ذڪي سنڌ ۾ صوبائي اليڪشن ڪميشن تحت بلدياتي چونڊن بابت اهم نڪتا بيان ڪيا ته سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن لاءِ ٽي مرحلا مقرر ڪيا ويا آهن. پهرين مرحلي ۾ سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن، ٻئي مرحلي ۾ شهيد بينظير آباد ڊويزن، ميرپورخاص ڊويزن ۽ حيدرآباد ڊويزن ۽ ٽئين مرحلي ۾ ڪراچي ڊويزن ۾ چونڊن لاءِ ترتيبوار 31 آڪٽوبر، 19 نومبر ۽ 3 ڊسمبر 2015 تي بلدياتي چونڊون ٿينديون. چيف سيڪريٽري محمد صديق ميمڻ ڪمشنرن ۽ ڊي آءِ جيز کي هدايت ڪئي ته هو مقرر ٿيل شيڊول تحت بلدياتي چونڊن جي سلسلي ۾ صوبائي اليڪشن ڪميشن سان ڀرپور تعاون ڪن. هن سيڪريٽري تعليم، سيڪريٽري بلديات ۽ ناڻي واري سيڪريٽري تي زور ڏنو ته هو لاڳاپيل معاملن جي سلسلي ۾ خدمتون سٺي نموني انجام ڏيڻ کي يقيني بڻائين. محمد صديق ميمڻ سيڪريٽري تعليم سان هڪ فوڪل پرسن جي نامزدگي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي، جيڪو اليڪشن ڪميشن سان رابطا يقيني بڻائيندو. چيف سيڪريٽري زور ڏنو ته پوليس، رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي پنهنجون ذميواريون نڀائڻ لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا تعاون ڪن، جڏهن ته بلديات کاتو ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن سان ڀرپور رابطي لاءِ ڪنٽرول روم قائم ڪري. ان کان علاوه سنڌ پوليس/ آءِ جي آفيس آپريشن روم به فعال رهي، واضح رهي ته سنڌ جي 29 ضلعن تي ٻڌل بلدياتي ادارن جن ۾ هڪ ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن، 6 ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشنز، 3 ميونسپل ڪارپوريشنز، 37 ميونسپل ڪميٽيز، 151 ٽائون ڪميٽيز، 24 ڊسٽرڪٽ ڪونسلرز، 1137 يونين ڪائونسلز ۽ 553 يونين ڪميٽيز (جيڪي ميونسپل ڪارپوريشنز ۽ ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشنز شامل ۾ آهن. بلدياتي چونڊن لاءِ 29 ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسرز، 316 ريٽرننگ آفيسرز، 551 اسسٽنٽ ريٽرننگ آفيسرز، 16601 پرزائيڊنگ آفيسرز، 108216 اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسرز، 54108 پولنگ آفيسرز ۽ فيميل پرزائيڊنگ آفيسرز لاءِ 2892 نائب قاصد مقرر ڪيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *