
ڪراچي(م.ڊ) سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي ۽ ايڊز جي متاثر مريضن جي انگ ۾ غير معمولي اضافو ٿيو آهي. ايڊز جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، ان حوالي سان سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ايڊز جا پاڪستان مان سڀ کان وڌيڪ مريض ڪراچي ۾ آهن. سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام سان سلهاڙيل ڊاڪٽر سليمان اوڍو موجب ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ايڊز جي مريضن جو گڏيل انگ 10 هزار کان وڌيڪ آهي ۽ ان انگ مان 7 هزار کان وڌيڪ مريضن جو تعلق ڪراچي جهڙي وڏي شهر سان آهي جڏهن ته هن وقت ڪراچي پهرين، ٻئي نمبر تي لاڙڪاڻو، ٽئين نمبر تي حيدرآباد، چوٿين نمبر تي دادو جڏهن ته پنجين نمبر تي جيڪب آباد آهي.