سنڌ ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران چوماسي برسات پوڻ جي اڳڪٿي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران چوماسي برسات پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اسلام آباد، پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ ڪشمير جَي اڪثر علائقن ۾ وقفي وقفي سان مينهن پوڻ جو سلسلو جاري آهي. موسميات کاتي پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته سکر ۽لاڙڪاڻي ڊويزن جَي ڪجهه علائقن ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران برسات پوندي. پڌرائي موجب، ڪراچي ۾ موسم جهـُڙالي رهندي، جڏهن ته سنڌ جَي باقي علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اسلام آباد، ڪشمير ۽ خيبر پختونخواهه جي پشاور، مالاڪنڊ، هزاره، ڪوهاٽ، بنون، مردان ۽ ڊي آءِ خان ڊويزن ۾ وقفي وقفي برسات پئجي رهي آهي، جيڪو سلسلو ايندڙ 36 ڪلاڪن تائين جاري رهندو. پڌرائي موجب، پنجاب جَي لاهور، سيالڪوٽ، گجرانوالا، شيخوپورا، قصور ۽ اوڪاڙا ضلعن جَي اڪثر علائقن ۾ وڌيڪ برسات پوڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب لاهور، سيالڪوٽ ۽ گجرانوالا جا هيٺيانهان علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو پڻ خدشو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *