سنڌ ۾ امڪاني ٻوڏ ۽ برساتن جي سلسلي ۾اجلاس، 45 ماڳ حساس قرار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ امڪاني ٻوڏ ۽ برساتن جي سلسلي ۾ اڳواٽ اپائن جي سلسلي ۾ سڄي سنڌ جي ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن، ايريگيشن کاتي، لائيو اسٽاڪ ۽ صحت کاتي جي آفيسرن جو هڪ اعليٰ سطحي اجلاس سينيئر بورڊ آف روينيو سيد ممتاز علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ايريگيشن کاتي پاران اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ موجوده صورتحال ۾ هيٺين سطح جي ٻوڏ جو انديشو آهي. ان سلسلي ۾ ايريگيشن کاتي سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. ايريگيشنکاتي پاران اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ جي ٽنهي بئراجن جي حدن ۾ 1325 ميل بچاءَ بند آهن، جڏهن ته سڄي سنڌ ۾ ٻوڏ جي حُالي سان 45 هنڌ حساس آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ايريگيشن کاتي سمورا احتياطي اپاءُ مڪمل ڪري ورتا آهن. لائيو اسٽاڪ کاتي پاران ٻڌايو ويو ته امڪاني ٻوڏ ۽ برساتن دوران 255 وٽرنري ڪيمپس قائم ڪيا پيا وڃن  جن ۾ 23 موبائيل يونٽس به شامل آهن. صحت کاتي پاران اجلاس کي ٻڌايو ته صحت کاتي پاران سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايريگيشن کاتي پاران فلڊ الرٽ انفارميشن سروس شروع ڪئي ويندي ۽ سڄي سنڌ جي ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن، لاڳاپيل آفيسرن ۽ ادارن کي روزانو جي بنيادن تي سنڌو درياهه ڪئنالن ۽ ريگيوليٽرس ۾ پاڻي جي گيج جي باري ۾ انفارميشن فراهم ڪئي ويندي. اجلاس  ۾ طئي ٿيو ته ضلعي ۽ تعلقي سطح تي سمورا ڊپٽي ڪمشنر ڪانٽيجنسي پلان تيار ڪندا، جنهن ۾ ضلعي ۽ تعلقي سطح تي بچاءَ بندن جي حساس هنڌن، سرڪاري ۽ غيرسرڪاري موجوده وسيلن، ٻيڙين، اسپتالن، ٽوٻن، اين جي اوز، ٽرانسپورٽ ۽ رليف جي حوالي سان تفصيلي ۽ جامع معلومات فراهم ڪئي ويندي ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ ان ڪانٽيجنسي پلان تحت موثر اپائن کي يقيني بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ضلعي انتظاميه پاران ضلعي ۽ تعلقي سطح تي ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويندا ته جيئن علائقي جي ماڻهن کي ٻوڏ ۽ برساتن جي حوالي سان ڪنهن به مسئلي ۽ ڏکيائي جي حل جي سلسلي ۾ مدد ۽ سهائتا فراهم ڪري سگهجي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته امڪاني ٻوڏ جي صورتحال ۾ متاثر ٿيل ماڻهن کي مقامي طور تي ٽينٽ لڳائي ويجهن هنڌن تي رهائش فراهم ڪئي ويندي، جڏهن ته برساتن جي ڪري متاثر ماڻهن کي تعليمي ادارن جون بلڊنگس فراهم ڪيون وينديون. سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو سيد ممتاز علي شاهه سمورن ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن تي زور ڏنو ته هو اول دستي جو ڪردار ادا ڪندي امڪاني ٻوڏ ۽ برساتن جي صورتحال ۾ سمورن لاڳاپيل کاتن سان گڏجي هڪ گڏيل جامع پلان تيار ڪن. هن ڪمنشرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته سمورن لاڳاپيل کاتن جا اجلاس گهرائي موثر حڪمت عملي تيار ڪن ته جيئن امڪاني ٻوڏ ۽ برساتن دوران ڪچي توڙي پڪي جي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن ۽ جانورن کي هر ممڪن نقصانن کان بچائي سگهجي. اجلاس ۾ ڊائريڪٽر جنرل پي ڊي ايم اي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن پن شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *