سنڌ ۽ پنجاب ۾ 20 سيپٽمبر تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جي حوالي سان ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن کي 10 مارچ تائين پنجاب ۽ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊول پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي وڌيڪ شنوائي ملتوي ڪري ڇڏي آهي. عدالت چيو آهي ته چونڊون نين ووٽ فهرستن تحت ڪرايون وڃن. اليڪشن ڪميشن کي سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ اٿارٽي ڏئي ڇڏي آهي ان جي اصل لاڳاپيل ڌريون عوام آهن. جمعي ڏينهن هتي جسٽس جواد ايس خواجه جي سربراهيءَ ۾ جسٽس سرمد جلال عثماني ۽ جسٽس مقبول باقر تي ٻڌل ٽه رڪني بينچ ڪيس جي شنوائي ڪئي. ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن جي وقتي سيڪر يٽري شيرافگن عدالت ۾ پيش ٿيو. هن عدالت کي ٻڌايو ته خيبرپختونخواه ۾ 30 مئي تي مڪاني چونڊون ڪرايون وينديون جڏهن ته ڪينٽونمينٽ بورڊز ۾ چونڊن لاءِ آرڊيننس لاڳاپيل ڪميٽي جي منظور ڪيو آهي ۽ هاڻي آرڊيننس ڪابينا ڊويزن وٽ آهي جيڪو قومي اسيمبليءَ جي ايندڙ اجلاس ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو. سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو ته اسان جون اسٽيڪ هولڊرز سياسي جماعتون آهن اسان کي انهن جي مطابق هلڻو هوندو آهي. جنهن تي جسٽس جواد ايس خواجه چي وته اليڪشن ڪميشن جو اصل اسٽيڪ هولڊر عوام آهي، اسان به هتي عوام جي مرضي ۽ منشا مطابق ويٺا آهيون. شيرافگن عدالت کي ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪيبينيٽ ڊويزن اسان کي ٻه نيون پرنٽنگ مشينون وٺي ڏئي ته اسان پنجاب ۽ سنڌ ۾ مڪاني چونڊون سيپٽمبر ۾ ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون. جسٽس جواد ايس خواجه چيو ته اسان عوام جي مسئلن جي حل لاءِ چونڊون چاهيون ٿا. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري چيو ته اسان وٽ ڪا اٿارٽي نه آهي، آءِ سي ٽي ۾ چونڊن لاءِ آرڊيننس ايندو ته اسان کي اٿارٽي ملندي. جسٽس جواد ايس خواجه چيو ته سپريم ڪورٽ توهان کي چونڊون ڪرئڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڪو ٻيو ڪري يا نه ڪري توهان پنهنجي اٿارٽي کي استعمال ڪندي اليڪشن کي يقيني بڻايو جنهن کي پارليامينٽ به اٿارٽي ڏني آهي، هاڻي عمل ڪرائڻ توهان جو ڪم آهي. آئين تي پوري طرح عمل ڪرڻو آهي. سيڪريٽري عدالت کي وڌيڪ ٻڌايو ته اسان چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون پر بيلٽ پيپرز لاءِ پرنٽنگ پريس سان رابطو ڪرڻ کانپوءِ ئي چونڊون ڪرائي سگهجن ٿيون. جنهن تي جسٽس سرمد جلال عثماني کيس چيو ته اهڙي صورت ۾ بيلٽ پيپرز جي پرنٽنگ آئوٽ سورس کان ڪرائي وڃي. بعد ۾ عدالت ايندڙ شنوائي تي پنجاب ۽ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊول پيش ڪرڻ هيدا ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *