سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊ سڀاڻي ٿيندي، 33 هزار 749 اميدوار ميدان ۾ لٿل

اسلام آباد(اي پي پي) سنڌ ۽ پنجاب جي 20 ضلعن ۾ 2 ڪروڙ 47 لک کان وڌيڪ ووٽر (سڀاڻي) ڇنڇر تي 33 هزار 794 اميدوارن مان چئن سالن لاءِ پنهنجن مڪاني نمائندن جي چونڊ ڪندا. پنجاب ۾ لاهور، فيصل آباد، گجرات سميت 12 جڏهن ته سنڌ ۾ سکر،لاڙڪاڻو سميت 8 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ ٿيندي، پولنگ صبح جو ساڍي 7 وڳي کان ساڍي 5 وڳي تائين بنا وقفي جي جاري رهندي، 758 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن، پنجاب ۾ 3551 پولنگ اسٽيشن نهايت حساس جڏهن ته 8300 حسا س قرار ڏنيون ويون آهن. پنجاب ۾ مسلم ليگ(ن) ۽ تحريڪ انصاف جڏهن ته سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ 10 جماعتي اتحاد وچ ۾ مڪاني چونڊن ۾ سخت مقابلي جو امڪان آهي.اليڪشن ڪميشن جي ذريعن مطابق چونڊ عمل کي شفاف بڻائڻ ۽ چونڊ عملي جي اڻ ڌري رهڻ لاءِ مڪاني چونڊن ۾ خدمتون سر انام ڏيندڙ عملي کي خصوصي وڊيو تربيت ڏني وئي آهي جڏهن ته چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس(ر) سردار محمد رضا وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪيا آهن. پنجاب ۾ لاهور، فيصل آباد، گجرات، چڪوال، ڀڪر، ننڪانه صاحب، قصور، پاڪپتن، اوڪاڙه، لوڌران، وهاڙي ۽ بهاولنگر جي ضلعن ۾ مڪاني چونڊون پهرين مرحلي ۾ ٿينديون جتي 2 ڪروڙ 85 هزار کان وڌيڪ ووٽر پنهنجو ووٽ جو حق استعمال ڪندا. لاهور مان چيئرمين، وائيس چيئرمين جا 4، جنرل ميمبرن جا 64 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا آهن، فيصل آباد مان ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين، وائيس چيئرمين جا 2، يونين ڪائونسل جي جنرل ميمبر جا 129، ميٽرو پوليٽن جا 32 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا آهن. سنڌ ۾ سکر، خيرپور، گهوٽڪي، لاڙڪاڻو، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور ۽ قمبر جي ضلعن ۾ پولنگ ٿيندي جتي 46 لک 18 هزار کان وڌيڪ ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. لاهور ۾ 43 لک کان وڌيڪ ووٽر پنهنجي نمائندن جي چونڊ ڪندا جڏهن ته فيصل آباد ۾ 39 لک کان وڌيڪ ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. پولنگ جو وقت 9 ڪلاڪن مان وڌائي 10 ڪلاڪ ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *