سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن دوران رينجرز جون خدمتون وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن دوران رينجرز جون خدمتون وٺڻ جو فيصلو ڪندي پاڪ فوج کي ڪوئيڪ ريسپانس فورس طور استعمال ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي،  جڏهن ته ٻنهي صوبن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذن جي ڇپائي شروع ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب، اليڪشن ڪميشن سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊ دوران امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي رينجرز جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ذريعن موجب، پاڪ فوج کي ڪوئيڪ ريسپانس فورس طور استعمال ڪرڻ تي غور به جاري آهي، ان سلسلي ۾ گهرو وزارت ۽ دفاع واري وزارت کي جلد خط لکيو ويندو. اليڪشن ڪميشن موجب، گهرو ۽ دفاع واري وزارت سان مشاورت ڪري اڳتي جي پلان جو اعلان ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن، سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن لاءِ نامزدگي فارمن جي ڇپائي به شروع ڪري ڇڏي آهي، جيڪا اڄ تائين مڪمل ٿيندي. اليڪشن ڪميشن موجب، ٻنهي صوبن ۾ پهرين مرحلي جي چونڊن لاءِ پنجاب ۾ ٻن ۽ سنڌ ۾ ٽن قسمن جا نامزدگي ڪاغذ ڇاپيا پيا وڃن. سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جو پهريون مرحلو 31 آڪٽوبر، ٻيو 19 نومبر ۽ ٽيون 3 ڊسمبر تي ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *