سنڌ ۽ پنجاب ۾ حادثا، ھڪ ئي ڪٽنب جي 9 ڀاتين سميت 11 ڄڻا فوت

ڪراچي  (اين اين آءِ) سنڌ ۽ پنجاب ۾ حادثا، 11 ماڻهو فوت، تفصيل موجب: گلشن غازي يوسي 33 ۾ جابلو ڇپ ڪرڻ جو اطلاع ملندي ئي ايڊمنسٽري بلديا غلام فريد، ميونسپل ڪمشنر وسيم مصطفيٰ سان گڏ حادثي واري هنڌ پهچي امدادي سرگرمين جي فراهمي لاءِ سموريون هلڪيون ۽ وڏيون مشينري ۽ ماڻهو گڏ ڪري پهاڙي ڇپون هٽائڻ ۽ متاثر ٿيل گهرن مان واسطيدار گهرن کي خالي ڪرائڻ جو ڪم شروع ڪيو، حادثي ۾ هڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا فوت ٿيڻ تي ايڊمنسٽيٽر ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته انتظاميا ان حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن جي وارثن سان ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي، ان موقعي تي موجود آفيسرن کي پهاڙ جي چوٽي تي آباد گهرن کي فوري طور تي خالي ڪرايو ويو ۽ مشينري ذريعي هٽائڻ جا حڪم جاري ڪندي چيو ته جيستائين پهاڙ جي چوٽين کي درست نه ڪيو ويندو ان وقت تائين گهرن کي خالي رکيو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته افسوسناڪ حادثي ۾ فوت ٿيندڙ 5 ڄڻن جي دفنائڻ جو خرچ هو پاڻ برداشت ڪندو، ميونسپل ڪمشنر فوتگين تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته وڌيڪ ماڻهو جيڪي جبل جي مٿان يا هيٺ آباد آهن اهي انتظاميا سان تعاون ڪن ۽ پنهنجا گهر فوري طورتي خالي ڪن، مڪاني آفيسرن امدادي ڪم جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته متاثرن لاءِ انتظاميا پاران رليف ڪيمپ قائم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪرندڙ ڇپن کي هٽائڻ سان گڏ وڌيڪ خطرناڪ ڇپن کي هٽائڻ لاءِ به هنگامي طور تي قدم شروع ڪيا ويا آهن، علائقي ۾ ڪي اليڪٽرڪ پاران بجلي ڪٽڻ سبب رليف جي ڪم ۾ رڪاوٽ سبب جنريٽرن جي موجودگي کي يقيني بڻايو ويو آهي. ٻئي طرف  پنجاب جي علائقي پتوڪي ويجهو وين ۽ بس ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾هڪ خاندان جي 4 ڀاتين سميت 6 ماڻهو فوت ۽ 12 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.  ملتان روڊ جي باءِ پاس تي نعمت چوڪ وٽ ساهيوال کان لاهور ويندڙ وين ۽ بس ۾ ٽڪر ٿيو.  حادثي جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽  12 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.  ريسڪيو ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي مقامي اسپتسال منتقل ڪيو، جتي ڇهن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.  ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *