سنڌ ۽ پنجاب مان ڪامياب ٿيل سينيٽرز خرچن جا تفصيل جمع ڪرائي ڇڏيا، ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (بيورو) سنڌ ۽ پنجاب مان ڪامياب ٿيل سينيٽرز خرچن جا تفصيل جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته تفصيل جمع نه ڪرائيندڙ اميدوارن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن پاران سينيٽ چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل اميدوارن کي خرچن جا تفصيل جمع ڪرائڻ لاءِ ڏنل ڊيڊلائين اڄ رات 12 هين وڳي ختم ٿي رهي آهي، اميدوارن لاءِ خرچن  جي حد 15 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن موجب، سنڌ مان ڪامياب ٿيل سينيٽرز پاران خرچن جا تفصيل جمع  ڪرايا ويا آهن، جن ۾ پ پ جو فاروق ايڇ نائيڪ، رحمان ملڪ، سسئي پليجو، لطيف انصاري، انجنيئر گيانچند، سليم مانڊوي والا ۽ اسلام الدين شيخ شامل آهن. ايم ڪيو ايم جي ڪامياب سينيٽرز ميان عتيق، محمد علي سيف، نگهت مرزا ۽ خوشبخت شجاعت پڻ اليڪشن ڪميشن ۾ تفصيل جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. اليڪشن ڪميشن موجب، بلوچستان مان ٿيل سينيٽرز به خرچن جا تفصيل جمع ڪرايا آهن، ڊيڊلائين ختم ٿيڻ تائين تفصيل جمع نه ڪرائيندڙن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويندو. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن فاروق ايڇ نائيڪ، سسئي پليجو، بئريسٽر سيف ۽ نگهت مرزا جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن اڳ ئي جاري ڪري چڪي آهي. اليڪشن ڪميشن بلوچستان ۽ سنڌ مان نون چونڊيل سينيٽرن جي ڪاميابي جا نوٽيفڪيشنز جاري ڪري ڇڏيا آهن اليڪشن ڪميسن بلوچستان مان جنرل سيتن تي حاصل بزنجو، محمد عثمان، نعمت الله زهري، عبدالغفوري حيدري، يوسف باديني، سردار اعظم خان ۽ ڊاڪٽر  جهانزيب جمالديني، ٽيڪنوڪريٽ ۽ عالمن جي مخصوص سيٽن تي مير ڪبير احمد ۽ انجنيئر آغا شهباز شريف جڏهن ته عورتن جي سيٽن تي گل بشريٰ ۽ ڪلثوم پروين جي ڪاميابي جا نوٽيفڪيشنز جاري ڪيا ويا آهن، بلوچستان مان اقليتي سيٽ تي ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، سنڌ مان پيپلز پارٽي جي اسلام الدين شيخ، سليم مانڊوي والا، گيان چند، عبداللطيف انصاري، عبدالرحمان ملڪ، ايم ڪيو ايم جي ميان عتيق احمد شيخ ۽ خوشبخت شجاعت جي ڪاميابي جو نوٽفڪيشن به جاري ڪيا ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *