سنڌ ۽ پنجاب حڪومتن جو درخواستون رد، تلور جي شڪار تي پابندي برقرار

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ، تلور پکين جَي شڪار تي پابندي وارو بلوچستان هاءِ ڪورٽ فيصلو برقرار رکندَي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا آهن ته تلور پکي جو شڪار غيرقانوني آهي، حڪمران ملڪ نٿا هلائي سگهن ته عرب شهزادن کي ٺيڪي تي ڏئي ڇڏين. چيف جسٽس جواد ايس خواجا جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ بئنچ، تلور پکين جي شڪار بابت سنڌ ۽ بلوچستان حڪومتن پاران داخل ڪرايل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ کانپوءِ عدالت تلور پکين جَي شڪار تي پابندي وارو بلوچستان هاءِ ڪورٽ فيصلو برقرار رکندَي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون. ان موقعي تي چيفجسٽس جواد ايس خواجا ريمارڪس ڏنا ته عرب شهزادن کي تلور پکين جي شڪار جي اجازت ڏيڻ غيرقانوني آهي. هـُن چيو ته ملڪ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري عرب شهزادن حوالي ڪيو ويو آهي، حڪمران جيڪڏهن ملڪ نٿا هلائي سگهن ته عرب شهزادن کي ٺيڪي تي ڏئي ڇڏي. چيف جسٽس چيو ته وفاق کي صوبائي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ جو ڪو به اختيار ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *