سنڌ ۽ پنجاب جي پوليس حڪومتن جي هٿياربند ونگ بڻجي وئي آهي: عمران خان

ڊيرا اسماعيل خان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان 2018 تائين ڪي پي ڪي ۾ هڪ ارب ٻوٽا پوکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۽ پنجاب جي پوليس حڪومتن جي هٿياربند ونگ بڻجي وئي آهي، ڪي پي ڪي جي پوليس مڪمل طور سياسي مداخلت کان پاڪ آهي. ڊيرا اسماعيل خان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته  هيل تائين 5 ڪروڙ ٻوٽا پوکي چڪا آهيون، 2018تائين هڪ ارب 20 ڪروڙ ٻوٽا لڳايا ويندا. هن چيو ته ٻيلا قائم ڪرڻ لاءِ ماڻهو پاڻمرادو زمين ڏئي رهيا آهن، ٻوٽا پوکڻ سان گلوبل وارمنگ ۾ گهٽتائي ايندي، ڪي پي ڪي سرڪار جي منصوبي کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي ۽ فنڊ به ملي رهيا آهن. عمران خان چيو ته ٽمبر مافيا خلاف هٿياربند فورس قائم ڪري رهيا آهيون،وڻن جي واڍي ڪندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي اميدوارن تي ڪيس داخل ڪيا ويا، پنجاب ۾ ن ليگ پوليس جي مدد سان مڪاني چونڊ کٽي وئي، سنڌ ۾ به پ پ حڪومت پوليس جي مدد سان چونڊ وڙهي. پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته خيبرپختونخواهه جي پوليس سياست کان پاڪ آهي پر پنجاب ۽ سنڌ جي پوليس حڪومتن جي هٿياربند ونگ بڻجي ويون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *