سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف جيلن ۾ وڌيڪ 6 ڏوهارين کي ڦاهي ڏني وئي

اسلام آباد (بيورو) سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف جيلن ۾ اڄ به قتل جي 6 ڏوهارين کي موت جي سزا ڏني وئي جڏهن ته 2 جوابدارن جي ڦاهي عين وقت تي روڪي وئي سکر جي سينترل جيل ۾ موت جي سزا ٻڌايل 2 قيدين عبدالرزاق چوهاڻ ۽ جليل جوريجو کي اڄ صبح ڦاه يتي لڙڪايو ويو ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا جيل جي اندر ۽ آس پاس ۾ رينجرز، پوليس ۽ ايف سي جي اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو هو، عبدالرزاق چوهاڻ 2001ع ۾ اقرار ميراڻي نالي شخص کي قتل ڪيو هو جڏهن ته جليل موريجو ۽ مقتول جي وارثن وچ ۾ آخري وقت تائين صلح جون ڪوششون ٿينديون رهيون پر ناڪامي تي ان کي به ڦاهي تي لڙڪايو ويو ميانوالي جي سينٽرل جيل ۾ جوابدار محمد خان کي ڦاهي ڏني وئي محمد خان 2001ع ۾ محمد نواز نالي شخص کي قتل ڪيو هو قتل جي ٻئين ڏوهي جهم دار کي ڦاهي مقتول جي وارثن جي صلح کانپوءِ آخري لمحن ۾ روڪي وئي لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ به هڪ جوابدار محمد ايوب کي ڦاهي تي لڙڪايو ويو جوابدار کي سيشن ڪورٽ شيخوپوره طرفان موت جي سزا ٻڌائي وئي ئي بهاولپور جي سينٽرل جيل ۾ عورتن سان زيادتي بعد قتل جي جوابدار غلام ياسين کي ان جي منطقي انجام تائين پهچايو ويو ساهيوال جي سينٽرل جيل ۾ قتل جي جوابدار محمد شهباز کي ڦاهي تي لڙڪايو ويو، محمد شهباز ملڪيت جي تڪرار تي هڪ ٻارڙي کي قتل ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته قتل جي ٻئين جوابدار جعفر ڪالي جي ڦاهي تي عملدرآمد مقتول جي وارثن سان صلح کانپوءِ روڪي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *