سنڌ ۽ پنجاب آڪٽوبر کان مڪاني چونڊون ڪرائڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) سنڌ ۽ پنجاب حڪومتن آڪٽوبر کان اڳ صوبن ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ کان معذرت ڪري ڇڏي. چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽارئڊ سردار رضا محمد خان جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ميمبرن سميت سنڌ ۽ پنجاب جي چيف سيڪريٽريز به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي صوبائي چيف سيڪريٽريز موقف اختيار ڪيو ته ٻوڏ سبب مڪاني چونڊون مرحليوار يا دير سان ڪرائڻ مجبوري آهي، اليڪشن آڪٽوبر کان اڳ نه ٿي ڪرائي سگهجي. پنجاب جي چيف سيڪريٽري موقف اختيار ڪيو ته ڏکڻ پنجاب ۾ ٻوڏ سبب چونڊ عملو دستياب ناهي ان ڪري چونڊون آڪٽوبر کان اڳ نه ٿيون ڪرائي سگهجن. سنڌ جي چيف سيڪريٽري چيو ته صوبي ۾ ٻوڏ جي صورتحال آهي ۽ مڪاني چونڊن لاءِ چونڊ عملو انتظاميه وٺي وئي آهي ان ڪري وقت سر تربيت نه ٿي ڏئي سگهجي. چيف سيڪريٽري چيو ته سنڌ لوڪل گورنمينٽ بل 2015ع به آخري مرحلي ۾ آهي جنهن جي منظوري کانپوءِ چونڊن لاءِ تياري ڪئي ويندي پر آڪٽوبر کان اڳ چونڊون ڪرائڻ ناممڪن آهي. ٻنهي صوبائي حڪومتن طرفان موقف پيش ڪرڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جواب تيار ڪري ورتو جيڪو اڄ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *