سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پاڻي ورڇ جو تڪرار حل ٿي ويو، گھرج موجب پاڻي جي فراهمي شروع

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ارسا ترجمان جو چوڻ آهي ته بلوچستان کي 20 لک ۽ خيبرپختون خواهه کي 8 لک ايڪڙ فٽ پاڻي ملندو، پنجاب ۾ خريف جي سيزن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 18 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، سنڌ بلوچستان کي 5 اپريل تائين پاڻيءَ جي فراهميءَ جو يقين ڏياريو آهي، ارسا جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ هلندڙ پاڻي تڪرار حل ٿي ويو آهي، خريف سيزن ۾ درياهن ۾ 11 ڪروڙ ايڪڙ فٽ پاڻي اچڻ جو امڪان آهي، ڊيمن ۾ 6 ڪروڙ 70 لک ايڪڙ فٽ پاڻي ذخيرو ٿيڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي، پنجاب کي پهرين اپريل کان سيپٽمبر تائين 3 ڪروڙ 30 لک ايڪڙ فٽ پاڻي ڏنو ويندو، ترجمان موجب سنڌ کي 3 ڪروڙ ايڪڙ فٽ پاڻي ڏنو ويندو، اڄ کان صوبن کي گھرج موجب پاڻي ڏيڻ شروع ڪيو پيو وڃي، موسميات کاتي اپريل، مئي ۾ گرمي پڌ وڌڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي، ارسا ترجمان موجب برف ڳرڻ سان درياهن جي وهڪرن ۾ تيزي ايندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *