سنڌ ۽ بلوچستان ۾ طوفاني برسات، سائين بورڊ ڪرڻ سبب پنج ڄڻا فوت

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ طوفاني هوائن سان گڏ برسات جو سلسلو جاري آهي، ڳڙهي ياسين ۾ باءِ پاس وٽ سائين بورڊ ڪِرڻ سبب ٻن ٻارڙن سميت پنج ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته گهرن جون ڇتيون ۽ پول ڪِرڻ سبب بجلي ۽ مواصلاتي نظام پڻ درهم برهم ٿي ويو آهي. جيڪب آباد، شڪارپور، قمبر شهدادڪوٽ، سجاول جوڻيجو، ڳڙهي ياسين، لکي غلام شاهه شاهه، رتي ديري، روهڙي، پني عاقل سميت لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزنز جي مختلف علائقن ۾ طوفاني ۽ ڳڙي سان مينهن پيو. ڳڙهي ياسين ۾ طوفاني برسات سبب سائن بورڊ ۽ ڀت ڪِرڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺ خدابخش ديناري جا رهواسي سيد برادري جا 5 ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا. فوتين  ۾ 16 ورهين جو باقر شاهه، 17 ورهين جو ذيشان شاهه، 18 ورهين جو احسان شاهه، ٽن ورهين ارسلان ۽ 7 ورهين مديحا شامل آهن. علائقي واسين واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ملبي هيٺان ڪڍي ورتا. اطلاع تي پوليس پهچي فوتين جا لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايا، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻئي طرف بلوچستان جي جعفرآباد، سبي، ڊيرا الهيار ۽ ٻين شهرن پڻ تيز برسات پوڻ سبب جو سلسلو جاري آهي. اوستا محمد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ طوفاني برسات سبب 15 گهرن ۽ 10 دڪانن جون ڇتيون ڪِري پيون، جڏهن ته بجلي جا پول ڪِرڻ سبب مختلف روڊ بلاڪ ٿي ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *