سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي تبديلي، اطلاعات کاتو سعيد غني حوالي، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (م.ڊ) سنڌ جي وزيرن ۽ مشيرن جي کاتن ۾ ردوبدل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير سعيد غني کي سُڌ سماءَ، سهيل انور سيال کي آبپاشي کاتو، ناصر شاهه کي لوڪل گورنمينٽ ۽ ۽ ڄام اڪرام ڌاريجو کي صنعت ۽ تجارت جا قلمدان ڏنا ويا.وڏي وزير جي منظوري سان چيف سيڪريٽري طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوبائي وزير ناصر شاهه کي لوڪل گورنمينٽ، ٻيلو کاتو ۽ مذهبي معاملن جا قلمدان ڏنا ويا. صوبائي وزير باري پتافي کي لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتو الاٽ ڪيا ويا، جڏهن ته صوبائي وزير هري رام ڪشوري لال کي اقيلتن ۽ خوراڪ کاتي جا قلمدان ڏنا ويا. جاري ٿيل نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صوبائي وزير اسماعيل راهو کي زراعت کاتو ڏنو ويو، جڏهن ته صوبائي وزير سعيد غني کي سُڌ سماءَ ۽ پورهئي کاتي جو قلمدان به سونپيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب صوبائي وزير شبير بجاراڻي کي قدرتي وسيلن، پبلڪ هيلٿ ۽ ٻهراڙي جي ترقي وارا کاتا ڏنا ويا. سردار شاهه وٽ ثقافت ۽ سياحت وارو کاتو آهي، جڏهن ته صوبائي وزير فراز ڏيرو کي بحالي کاتو ڏنو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب صوبائي وزير تيمور ٽالپر کي انفارميشن، سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي وزارت ڏني وئي آهي، جڏهن ته سهيل انور سيال کي آبپاشي، زڪوات ۽ عشر، اوقاف ۽ ائنٽي ڪرپشن کاتي جا قلمدان ڏنا ويا آهن. جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب صوبائي وزير ڄام اڪرام ڌاريجوکي صنعت ۽ تجارت، جڏهن ته مرتضيٰ بلوچ کي هيومن سيٽلمينٽ جا کاتا ڏنا ويا آهن.سنڌ سرڪار طرفان صوبائي صلاحڪارن کي قلمدان ڏيڻ جي حوالي سان به نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب صوبائي صلاحڪار نثار کهڙو کي ورڪس اينڊ سروسز ۽ يونيورسٽيز اينڊ بورڊس جا کاتا سونپيا ويا، اُن کانسواءِ مرتضيٰ وهاب کي قانون، ماحوليات، ماحولياتي تبديلي ۽ ساحلي ترقيءَ وارن کاتن جو صلاحڪار بڻايو ويو آهي. جڏهن ته صوبائي صلاحڪار اعجاز شاهه شيرازي کي سماجي ڀلائي وارو کاتو ڏنو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *