سنڌ ڪابينا ۾ واڌ، سعيد غني صوبائي وزير جو حلف کڻي ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سندس ڪابينا ۾ واڌ ڪندي نئين صوبائي وزير سعيد غني کي پنهنجي ڪابينا ۾ شامل ڪيو آهي ۽ هن اڄ شام گورنر هائوس ۾ رٿيل هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ حلف کنيو. قائم مقام گورنر آغا سراج درانيءَ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪراچيءَ مان چونڊيل ايم پي اي سعيد غنيءَ کان حلف ورتو. واضح رهي ته صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر سعيد غني پيپلز پارٽيءَ جو پراڻو ڪارڪن آهي، سندس والد عثمان غني مزدور اڳواڻ هو ۽ سعيد غني به پنهنجي والد جي نقشي قدم تي هلندي مزدور يونين جي پليٽفارم تان پنهنجي سياسي جدوجهد جي شروعات ڪئي ۽ پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن ۾ مختلف عهدن تي فرض سرانجام ڏنا. هُو پيپلز پارٽيءَ جي سيٽ تان سينٽر پڻ چونڊيو ۽ وڏي وزير جو محنت وارو صلاحڪار به رهيو. هن ڪراچيءَ جي تڪ پي ايس 114 کان صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊ وڙهي ۽ وڏي اڪثريت سان صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *