سنڌ ڪابينا ۾ ردو بدل جو سلسلو شروع ، روبينا قائمخاني فارغ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪابينا ۾ ردو بدل جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو، صوبائي وزير روبينا قائمخاني کي سنڌ ڪابينا مان فارغ ڪري گهر ڀيڙو ڪيو ويو آهي.. سنڌ جي سروس اينڊ جنرل ايڊمنيسٽريشن ڊپارٽمينٽ پنهنجي جاري ڪيل نوٽيفيڪشن موجب روبينا قائمخاني کي سنڌ ڪابينا مان فارغ ڪيو ويو. روبينا قائمخاني کي عورتن جي ترقي ۽ خصوصي تعليم جا قلمدان الاٽ ٿيل هئا، جيڪي واپس ورتا ويا آهن. معلوم ٿيو آهي ته روبينا قائمخاني کي غيرقانوني ڀرتين ۽ پنهنجي من پسند نوازيل پاليسي ۽ اقربا پروري جي الزام هيٺ فارغ ڪيو ويو آهي.. روبينا قائم خاني عورتن جي مخصوص سيٽ تي ايم پي اي طور ڪامياب ٿيل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *