سنڌ ڪابينا ۾ اهم تبديليون، سڌ سماءَ جو کاتو مولابخش چانڊيو حوالي، نوٽيڪيشن جاري

ڪراچي (اين اين آءِ) وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه دبئي کان ڪراچي پهچندي ئي سنڌ ڪابينه ۾ تبديليون ڪري ڇڏيون جمعي تي موڪل جي موقعي تي حڪومت سنڌ جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق اڳوڻي صوبائي بلديات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه کي خوراڪ کاتي جو قلمدان سونپيو ويو آهي صوبائي وزير ڄام خان شورو کان لائيو اسٽاڪ جو قلمدان واپس وٺي انکي بلديات جو وزير بڻايو ويو آهي پيپلزپارٽي جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير مولابخش چانڊيو کي وزيراعليٰ سنڌ جو اطلاع وارو مشير مقرر ڪيو آهي جڏهن ته فياض بٽ کي ويراعليٰ جو معاون خصوصي مقرر ڪري ان کي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ ڳوٺاڻي ترقي جو قلمدان ڏنو ويو آهي ان جو عهدو صوبائي وزير جي برابر هوندو واضح رهي ته سنڌ ڪابينه ۾ تبديلي جو فيصلو دبئي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ صلاح مشوري کان پوءِ اجلاس ڪيو ويو هو. اجلاس ۾ بيورو ڪريسي ۾ به وڏي پئماني تي فيصلو ڪيو ويو هو انهن فيصلن جي روشني ۾ سنڌ ڪابينه ۾ وڌيڪ ردوبدل ٿي سگهي ٿو جڏهن ته بيورو ڪريسي ۾ وڏي پئماني تي تبديلين جو انتظار ڪيو پيو وڃي سيد ناصر حسين شاهه کان 18 نومبر تي بلديات جو قلمدان ورتو ويو هو جڏهن ته 19 نومبر تي سنڌ ۾ ٻئي مرحلي جون چونڊون ٿيڻيون هيون. ان تي گهوٽڪي جي مهر برادران ۽ ناصر حسين شاهه دبئي پهچي ويا هاڻي انهن کي خوراڪ جو قلمدان ڏنو ويو آهي جيڪو منظور وساڻ کان واپس ورتو ويو آهي. منظور حسين وساڻ کي هاڻي معدنيات ۽ معدني ترقي ۽ اينٽي ڪرپشن جو قلمدان ڏنو ويوآهي جڏهن ته سينيئر وزير نثار کهڙو کان به اطلاعات جو قلمدان واپس وٺي مولابخش چانڊيو کي ڏنو ويو آهي سينيئر وزير نثار کهڙو وٽ تعليم کاتي جو قلمدان رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *