سنڌ ڪابينا شهيد اهلڪارن جي وارثن کي 50 لک رپيا معاوضو، پگهار ۽ پوئنرن کي هڪ نوڪري ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صوبائي ڪابينا ڊيوٽي دوران شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي وارثن کي 50 لک رپيا معاوضو، پگهار ۽ سندس پوئنرن کي هڪ نوڪري ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اهو فيصلو وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيندڙ صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. صوبائي ڪابينا جي اڄ ٿيل اجلاس ۾ پنجن ايجنڊا ايٽمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪڻڪ جي خريداري ۽ ان ۾ واڌ، رمضان پيڪيج، امن مان واري صورتحال ۽ ترقياتي منصوبا شامل هئا. جيستائين ڪڻڪ جي خريداريءَ جو تعلق آهي ته ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته خوراڪ کاتي 1.1 ملين ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي ٽارگيٽ بدران 923307 ٽن ڪڻڪ خريد ڪري ورتي آهي. صوبائي خوراڪ کاتي ڪڻڪ جي خريداري 2 لک ٽن وڌائڻ جي سفارش ڪئي پر مارڪيٽ ۾ قيمت وڌيڪ هئڻ ڪري خوارڪ کاتي جي درخواست کي مسترد ڪيو ويو ڇو ته هدف کي وڌائڻ سان آبادگارن کي ڪنهن به قسم جو ڪو فائدو حاصل نه ٿيندو. رمضان پيڪيج تي ڳالهائيندي ڪابينا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 1500 رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو. واضع رهي ته بي آءِ ايس پي وٽ 20 لک خاندان رجسٽرڊ آهن جن کي حڪومت طرفان 3 ارب رپيا بي آءِ ايس پي ڪارڊ ذريعي فراهم ڪيا ويندا آهن. ان موقعي تي انسپيڪٽر جنرل پوليس صوبي ۾ امن امان واري 2صورتحال تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته صوبي ۾ هاڻي ڪوبه ڀنگ وارو ڪيس ظاهر ناهي ٿو، جڏهن ته 2015ع وارن 15 ڪيسن جنهن ۾ شمس الدين، ميجر رٽائيرڊ نوخيز جن کي راشد منهاس روڊ ۽ ڊفينس واري علائقي مان اغوا ڪيو ويو هو، ۽ انهن جي پيرا بلوچستان ڏانهن وڃي رهيا آهن ۽ انهن جي بازيابيءَ لاءِ سنڌ پوليس ڪوششون ڪري رهي آهي. فضيلا سرڪي واري ڪيس جي حوالي سان آءِ جي سنڌ پوليس چيو ته اهو هڪ پراڻو ۽ پيچيدا ڪيس آهي جنهن ڇوڪريءَ کي بازياب ڪرايو آهي ان جو ڊي اين اي ٽيسٽ ٿي رهيو آهي ته جيئن پڪ ٿئي ته اها فضيلا آهي يا نه. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪابينا جي منظوريءَ سان پوليس اهلڪارن جيڪي پنهنجو فرض نڀائڻ دوران شهيد ٿيندا آهن انهن جي وارثن لاءِ مالي معاوضو 2 ملين رپين مان وڌائي 5 ملين رپيا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير ايپڪس ڪميٽيءَ ۾ ڪيل فيصلن تي ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو. ڪابينا آءِ جي سنڌ پوليس کي ويهه هزار پوليس اهلڪارن کي فوري طور تي ڀرتي ڪرڻ جي اجازت ڏني. پوليس ڊپارٽمينٽ وٽ رڳو 8000 پوليس اهلڪارن کي تربيت ڏيڻ جي گنجائش آهي انڪري ڪورڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختيار انهن کي پاڪستان آرمي کان تربيت ڏيارڻ جي ذميواري ورتي. ڪابينا رينجرز ۽ پوليس جو صوبي خاص طور تي ڪراچي شهر ۾ امن امان قائم ڪرڻ تي انهن جي ڪاوشن جي واکاڻ ڪئي. ڪابينا پوليس کاتي کي سي پي اي سي پروجيڪٽس لاءِ سيڪيورٽي فورس وڌائڻ لاءِ به اجازت ڏني. ڪابينا ۾ بجيٽ تجويزن تي به غور ڪيو ويو جن کي جدا اجلاس ۾ حتمي شڪل ڏني ويندي.صوبائي ناڻي ۽ منصوبا بندي واري وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري محمد وسيم ڪابينا کي ٻڌايو ته هلندڙ مالي سان جي آخر تائين 129 بلين رپين جي لاڳت 400 اسڪيمون مڪمل ڪيون وينديون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) طرفان نيون اسڪيمن جي شروعات تي پابندي لڳائي وئي آهي جنڪري نئين اسڪيمن لاءِ رکيل 16 بلين رپيا استعمال ناهن ڪيا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *