سنڌ ڪابينا الطاف حسين يونيورسٽي ايڪٽ ۾ ترميم ڪري نالو تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي( اي پي پي )سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس سومر ڏينهن سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ مختلف بلن تي غور ويچار ڪيو ويو جنهن ۾ الطاف حسين يونيورسٽي ايڪٽ 2014 ۾ ترميم لاءِ تجويز پيش ڪئي وئي ۽ الطاف حسين يونيورسٽي ڪراچي جو نالو تبديل ڪري عبدالستار ايڌي يونيورسٽي ڪراچي ۽ الطاف حسين يونيورسٽي حيدرآباد جو نالو تبديل ڪري محترمه فاطمه جناح يونيورسٽي حيدرآباد رکيو ويو آهي. اجلاس ۾ صوبائي وزير سميت چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، آءِ جي سنڌ پوليس اي ڊي خواجه، وڏي وزير جي پرنپسل سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف بلن تي غور ويچار پڻ ڪيو ويو، جنهن ۾ (1) سنڌ شهيد رڪگنيشن اينڊ ڪمپنسيشن ايڪٽ 2014، (2) دهشتگردي ٽوڙ بل 2016، (3) سنڌ ڪرائي داري بل 2017، (4) شهيد بينظير ڀٽو هيومن ريسورس ۽ ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ بورڊ بل 2013، (4) جيڪب آباد ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ آف سائنس ايڪٽ 2013، (5) سنڌ روينيو بورڊ ايڪٽ 2010 وغيره شامل آهن. اجلاس ۾ سنڌ شهيد رڪگنيشن ۽ ڪمپنسيشن ايڪٽ 2014 ۾ ترميم لاءِ تجويز پيش ڪئي وئي. جنهن ۾ شهيد پوليس اهلڪار کي معاوضي ڏيڻ سان گڏوگڏ ٻن قانوني وارثن کي پڻ ڀرتي ڪيو ويندو. قانوني وارثن کي ڀرتي ڪرڻ لاءِ سندن عمر، قابليت کي پرکيو ويندو جنهن تي وڏي وزير چيو ته پنهنجي صوبي جي ماڻهن کي تحفظ لاءِ پنهنجو پاڻ کي قربان ڪندڙ جي گهروارن جو تحفظ هئڻ گهرجي. ان وچ ۾ محمد علي ملڪاڻي اجلاس ۾ تجويز پيش ڪندي چيو ته شهيد اهلڪارن لاءِ معاوضي کان علاوه قانوني وارثن کي پڻ ڀرتي ڪيو ويندو. جنهن تي وڏي وزير آئي جي سنڌ پوليس اي ڊي خواجه کي سمري موڪلڻ لاءِ هدايت ڪئي. ان کانپوءِ اجلاس ۾ دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ 2016 ۾ ترميم جي تجويز پيش ڪئي وئي. تجويز ۾ لفظ ڊيفينڊنٽ جو لفظ اڪيوزڊ ۾ تبديل ڪرڻ تي غور ڪيو ويو. ان کان علاوه ججن، قونصلن ۽ پراسيڪيوٽرن جي تحفظ لاءِ ڪيمرائن جي هوندي ڪيس کي هلائڻ، گواهه جي سڃاڻپ ۽ نالي کي راز ۾ رکڻ وغيره شامل آهن. جنهن تي وڏي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، قانون کاتي جي سيڪريٽري ۽ ٻين کي لاڳاپيل ترميم تي پنهنجون سفارشون ڏيڻ جون هدايتون ڏنيون. ان کانپوءِ اجلاس ۾ سنڌ مسواڙي بل 2017 ۾ ترميم لاءِ تجويز پيش ڪئي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن مسواڙي 60 ڏينهن تائين مسواڙ نه ڏئي ته مالڪ مڪان کي پنهنجي ملڪيت واپس وٺڻ جو اختيار هوندو. انهيءَ بل تحت مالڪ مڪان کي لاڳاپيل ترميم ذريعي تحفظ ڏنو ويو آهي. اجلاس ۾ غور ويچار ڪيو ويو ته تجويز هيٺ جيڪڏهن مسواڙي چئي ٿو ته هن گهر/ملڪيت خريد ڪيو آهي ۽ مالڪ مڪان انهيءَ کي نٿو مڃي تڏهن به هو مسواڙ ڏيندو رهندو جيستائين ڪيس جو فيصلو ٿئي. جنهن تي اجلاس ۾ صلاح مشوري کانپوءِ وڏي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو جي چيئرمين شپ هيٺ هڪ ڪميٽي جوڙڻ جون هدايتون ڪيون. ان کانپوءِ اجلاس ۾ بينظير ڀٽو شهيد هيومن ريسورس، ريسرچ ۽ ڊيولپمينٽ بورڊ ايڪٽ 2013 ۾ ترميم لاءِ تجويز پيش ڪئي وئي. بورڊ ۾ 6 مستقل ميمبرن جي مقرري لاءِ سفارش ڪئي وئي. ان کانپوءِ اجلاس ۾ جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس ايڪٽ 2013 ع جي ترميم لاءِ تجويز پيش ڪئي وئي. ترميم ۾ جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس جي 12 ميمبرن تي ٻڌل بورڊ جو فيصلو ٿيو جنهن ۾ 2 ميمبر ايم پي ايز هوندا. جنهن تي وڏي وزير هدايت ڪئي ته بورڊ ٽن مهينن ۾ هڪ ڀيرو اجلاس ضرور ڪندو. جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس جو آئوٽ سورس جو به پرووين رکيو ويو آهي. ان کانپوءِ اجلاس ۾ سنڌ روينيو بورڊ ايڪٽ 2010 ۾ ترميم لاءِ تجويز پيش ڪئي وئي. تجويز ۾ وقتي چيئرمين جي گنجائش ڪرڻ سان گڏوگڏ چيئرمين سنڌ روينيو بورڊ، چيئرمين ايگزيڪٽو آفيسر ۽ پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر ٺاهڻ تي غور ويچار ڪيو ويو. چيئرمين ۽ ميمبرن جي ملازمت جو عرصو ٽن کان ٻن سالن تائين وڌائڻ جي تجويز پڻ ڪئي وئي. جنهن تي وڏي وزير چيو ته اها حڪومت جي جوابداري هوندي جيڪڏهن هو ٻن سالن جي ملازمت واري عرصي ۾ واڌ ڪري. ان کانپوءِ دي الطاف حسين يونيورسٽي ايڪٽ 2014 ۾ ترميم لاءِ تجويز پيش ڪئي وئي. الطاف حسين يونيورسٽي ڪراچي جو نالو تبديل ڪري عبدالستار ايڌي يونيورسٽي ڪراچي ۽ الطاف حسين يونيورسٽي حيدرآباد جو جو نالو تبديل ڪري محترمه فاطمه جناح يونيورسٽي حيدرآباد رکيو ويو. نهن جي سنڌ ڪابينا پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان کانپوءِ اجلاس ۾ سنڌ ڪول اٿارٽي ايڪٽ 1993ع ۾ ترميم لاءِ تجويز پيش ڪئي وئي. جنهن ۾ رٽائر ملازمن کي پينشن ڏيڻ جي سفارش سان گڏوگڏ توانائي کاتي جي صوبائي وزير کي ڪول اٿارٽي جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *