سنڌ کي ٽڪراءُ، ڇڪتاڻ جي نه افهام تفهيم ۽ امن ۽ محبت جي ضرورت آهي: الطاف حسين

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ الطاف حسين چيو آهي ته سنڌ کي نفرت ٽڪراءُ ۽ ڇڪتاڻ جي نه پر افهام تفهيم امن ۽ محبت جي ضرورت آهي هن هي ڳالهه اربع جي رات گورنر هائوس ۾ سيد قائم علي شاهه، رحمان ملڪ، نثار کهڙو، شرجيل ميمڻ ۽ مراد علي شاهه سان فون تي ڳالهائيندي ڪئي ان موقعي تي ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ ايم ڪيو ايم جا اڳاوڻ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ڪنور نويد، بابر غوري ۽ رئوف صديقي به موجود هئا الطاف هسين چيو ته سنڌ ۾ ماضي ۾ به ڪجهه عنصرن نفرتون پکيڙي صوبي جي مستقل رهواسين کي پاڻ ۾ ويڙهايو پر سنڌ جو عوام پاڻ ۾ ُڙهڻ نٿو چاهي پر شاهه لطيف جي هن ڌرتي کي امن ۽ پيار جي ضرورت آهي هن چيو ته انشاءُالله پيپلزپارٽِ ۽ ايم ڪيو ايم گڏيل ڪوششن جي ذريعي سنڌ ۾ افهام تفهيم امن ۽ ڀائپي جي معاملي کي هٿي ڏيندي ۽ گڏجي عوام جا مسئلا حل ڪيا ويندا ان موقعي تي سيد قائم علي شاهه، عبدالرحمان ملڪ، نثار کهڙو، شرجيل ميمڻ ۽ مراد علي شاهه به الطاف حسين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس يقين ڏياريو ته ٻئي جماعتون سنڌ ۾ پيار محبت سان ڪم ڪنديون ۽ گڏجي سنڌ کي ترقي ڏيارينديون ان موقعي تي الطاف حسين سنڌ ۾ امن ۽ ڀائپي لاءِ دعا ڪرائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *