سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ تحت جائز حصو نه پيو ڏنو وڃي :مراد علي شاهه

ڪراچي (م.ڊ) سنڌ جي ناڻي واري وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاق کي سنڌ جا وسيلا ڦٻائڻ نه ڏنا ويندا، ورڇ جوڳي پول جي رهيل رقم وٺڻ لاءِ جلد سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويندو. ناڻي واري صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه ڳوٺ واهڙ پهچي پنهنجي والد ۽ اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جي مزار تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ تحت جائز حصو نه پيو ڏنو وڃي. هن چيو ته پ پ سرڪار سنڌ جي عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي،شهيد بينظير ڀٽو جي مشن تحت هزارين بيروزگارن کي روزگار فراهم ڪيو پيو وڃي. صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سيوهڻ کي سنڌ جو ماڊرن تعلقو بڻايو ويندو. ان موقعي تي امان الله شاهاڻي، سيد محمد شاهه، سيد حسنين شاهه، غلام حسين هاليپوٽو، نبن خان لنڊ، سڪندر راهپوٽو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *