سنڌ ڄائو ڊائريڪٽر راجڪمار هيراڻي ”منا بهائي ايم بي بي ايس ٿري” ٺاهيندو

ممبئي(شوبز نيوز) فلم ”منا بهائي ايم بي بي ايس ٿري” جو اسڪرپٽ پڄاڻي جي آخري مرحلي ۾ پهچي ويو آهي. فلمساز راجڪمار هيراڻي هڪ تقريب ۾ ڳالهائندي ٻڌايو ته هو منا بهائي ايم بي بي ايس جو ٽيون حصو ٺاهڻ جو منصوبو جوڙي رهيو آهي ۽ فلم لاءِ اسڪرپٽ پاڻ لکي رهيو آهي جيڪو مڪمل ٿيڻ واروآهي. هيراڻي چيو ته ان فلم ۾به منا ڀائي جو ڪردار سنجي دت ئي ادا ڪندو. منا ڀائي ايم بي بي ايس 2003ع ۾ رليز ٿي جڏهن ته ان سلسلي جي ٻئين فلم ”منا بهائي لگي رهو” 2006ع ۾ رليز ٿي. راجڪمار هيراڻي چيو ته ان سلسلي جي ٽئين فلم پهرين وارين فلمن کان بهتر هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *